ڪراچي (رپورٽر) انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر سستو ٿي ويو.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه ٻه پئسا گهٽ ٿيو ۽ ان جي قيمت 278 رپيا 38 پئسا آهي.هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 9 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ 280 رپين 18 پئسن جو آهي.
-
دادو ۾ڳوٺاڻي جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج
دادو(ڊ ر) دادو ضلعي جي ڪاڇي ۾ واقعي تاريخي ڳوٺ حاجي خان جو رهواسي غلام عباس کوسو دادو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي ميڊيا اڳيان دانهيو ته اسان جي 10 هزار فوٽن تي رهائشي جڳهه آهي جيڪا منهنجي والد الهورايو کوسو جي نالي تي آهي اها جڳهه 2010 واري ٻوڏ ۾ پٽ پئجي وئي هئي ان پلاٽ تي وري هاڻي اسان جو چاچو رجب کوسو ۽ سندس پٽ عمران، ڪامران، ارشد کوسو وارا هٿيارن جي زور تي زبردستي قبضو ڪري ويٺا آهن، هن چيو ته ڪجه وقت اڳ اهڙو فيصلو ڳوٺ جي نيڪ مردن ڪيو هو ۽ فيصلو اسان جي حق ۾ ٿيو قبضي واري ڌر فيصلي کان پوءِ قبضي واري ڌر تي فيصلي وارن اسان جي تڏي تي معافي وٺڻ لاءِ چيو ويو پر اهي بااثر اسان وٽ معافي لاءِ به نه آيا ۽ فيصلو به قبول نه ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر وارن مون کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پلاٽ تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏنيون، هن مطالبو ڪيو ته آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي منهنجي احتجاج جو نوٽيس وٺي مون سان انصاف ڪيو وڃي.
-
خيرپور ڀرسان پوليس پاران جوابدار کي پسٽل سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
خيرپور (س ر) خيرپور ڀرسان وڏا ماڇيون پوليس چيڪنگ دوران هڪ ڄڻي کي پسٽل سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪري ڇڏي ، ڪيس داخل. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او وڏا ماڇيون روشن منگي ميڊيا کي ٻڌايو ته ايس ايس پي خيرپور زبير نظير شيخ جي حڪم مطابق خيرپور، وڏا ماڇيون لنڪ روڊ تي چيڪنگ دوران هڪ ڄڻي وسيم ناريجو جي تلاشي ورتي ته سندس وٽان پسٽل هٿ آيو جنهن کي گرفتار ڪري غيرقانوني هٿيار رکڻ جي ڏوھ ۾ سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي جڏهن ته گرفتار جوابدار جو مختلف ٿاڻن تان وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
-
لاڙڪاڻي۾ منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروايون، 3 جوابدار گرفتار
لاڙڪاڻو (س ر) لاڙڪاڻي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ محمد ڪليم ملڪ جي هدايتن تي منشيات فروش ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائيون جاري۔ منشيات فروش سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري منشيات ۔ هٿيار، ڦر ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون.تفصيل موجب ايس ايڇ او بهرام سب انسپيڪٽر محمد حسن جوڻيجو عملي سان گڏ مير ڪي شاخ وٽان ڪارروائي ڪري منشيات فروش زبير احمد جاگيراڻي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 1740 گرام وزني گٽڪا هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو. قتل جهڙي سنگين ڪيس ۾ گهربل جوابدار قربان علي مگسي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ڏوھ ۾ استعمال ٿيل هٿيار هٿ ڪيو ويو سم شاخ وارھ روڊ وٽان چوري جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار رجب علي چانڊيو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن ۽ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي سب انسپيڪٽر احمد علي اوڍو سندس اسٽاف سميت شهري محمد عرفان ڀٽي جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري اصل مالڪ حوالي ڪئي وئي
-
ڪراچي ۾ شهيد ڀٽو ڳوٺ جي رهواسين جو مظاهرو
ڪراچي اوڀر (ن ع آ) ڪراچي جي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڳوٺ جي رھواسين طرفان ڊرينيج جي ناڪارا نظام ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف رھواسين طرفان ھٿن ۾ بئنر کڻي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ صفوران ٽائون عملدارن سميت ٻين لاڳاپيل عملدارم خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن صدرالدين قريشي آصف علي شاھ غلام رسول ڇڇڙ پرويز احمد شيخ حاجي عبدالسميع ۽ ٻين دانھيندي چيو تـ گذريل ڪافي وقت کان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڳوٺ جو ڊرينيج نظام مڪمل طور تي خراب ٿيل آھي نالن جو گندو پاڻي روڊن رستن تي ھر وقت بيٺل رھي ٿو جنھن سبب اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائڻ ۽ مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھيون ھنن وڌيڪ چيو تـ چيو تـ پاڻي جي شديد کوٽ ھجڻ سبب پڻ ڏکيائڻ ۽ تڪليفن کي منھن ڏئي رھيا آھيون مگر واٽر اينڊ سيوريج بورڊ صفوران ٽائون توڙي ٻيا عملدار اسان جو جائز مسئلو حل ڪرڻ لاءِ تيار نـ آھن ھنن صوبائي وزير بلديات صفوران ٽائون چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کان نوٽس وٺي مسئلو جلد حل ڪرائڻ جي گھر ڪئي آھي .02