اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته هي حڪومت عوام کي بجلي جي اگهاڙين تارن تي لٽڪائڻ آئي آهي. اسلام آباد جي عدالت ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ڪشمير کان پوءِ هاڻ خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جون حالتون به خراب آهن جڏهن چور چوڪيدار بڻجي وڃن ۽ گهوڙا، گڏهه اسيمبلين ۾ اچي وڃن ته ملڪ جو الله ئي حافظ آهي. شيخ رشيد چيو ته مون کي اڄ اوهان کي پنهنجي گهر جو بجلي جو بل ڏيکارڻو آهي منهنجو بجلي جو بل 1 لک 68 هزار روپيه آيو آهي، منهنجي مارڪيٽ جا 18 دوڪاندار پنهنجون دوڪانون ڇڏي ويا آهن. 31 هزار پگهار ۽ 29 هزار بجلي جو بل آهي. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته حڪومت پنهنجا ڪيسز معاف ڪرائڻ ۽ عوام کي بجلي جي اگهاڙين تارن تي لٽڪائڻ آئي آهي حڪومت ٻڌائي ڪنهن به هنن کي 5 ڊالر ڏنا آهن؟ ناڪام بجيٽ پيش ڪندڙ حڪومت کي گهر اماڻيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ(ن) جو صدر نوازشريف ايندڙ مهيني جي آخر ۾ پنهنجو بيان تبديل ڪندو. شيخ رشيد چيو ته چور ڌاڙيل ۽ نااهل ناڪام بجيٽ پيش ڪندڙ حڪومت کي گهر اماڻيو وڃي، فوج سان ڳالهيون ڪري وچون رستو ڪڍيو وڃي.