اسلام آباد ( تجزيو: فخر دراني) ڊي جي آءِ ايس آءِ نديم انجم جي ايڪٽينشن ۾ توسيع کان انڪار کيس بطور ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدي تي هڪ سال جي ايڪسٽينشن اڳوڻي وزيرا عظم انوار ڪاڪڙ ڏني هُئي ۽ هاڻي کيس سندس ملازمت جي مدي ۾ مليل اهڙي ايڪسٽينشن 14 سيپٽمبر تي پوري ٿيندي جنهن بعد هو ريٽائرڊ ٿي ويندو. نديم انجم جي بطور ڊي جي آءِ ايس آءِ ملازمت جو مدو 2023 ۾ پورو ٿي رهيو جنهن ۾ اڳواڻي وزيراعظم انواز ڪاڪڙ هڪ سال لاءِ ايڪسٽينشن ڪئي هُئي، اهو امڪان ظاهر ڪيو پئي ويو ته کيس موجوده امن امان ۽ سياسي صورتحال جي غير يقينيءَ ڪري سندس ملازمت جي مدي ۾ ڪيل ايڪٽينشن کي وري واڌيو ويندو، جڏهن ته عزم استحڪام آپريشن جي حوالي سان به اهو ئي امڪان ظاهر ڪيو پئي ويو ته سندس ملازمت جي مدي ۾ ايڪٽينشن ڪئي ويندي پر ذريعن جو چوڻ آهي ته نديم انجم جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي امڪان کي سگهارين قوتن ۽ ادارن رد ڪري ڇڏيو آهي، سندن چوڻ آهي ته هاڻي ريگيولر نموني ڊي جي آءِ ايس آءِ جي ڀرٿي ٿيندي ۽ نديم انجم ريٽائر ٿيڻ بعد آمريڪا جي سفير طور تي ڊي سي واشنگٽن ۾ قيام پذير ٿيندو