ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪالهه به هيٽ اسٽروڪ جا مجموعي طور تي 212 ڪيسز رپورٽ ٿيا، 24 ڪلاڪن ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب 7 ڄڻا فوت ٿيا جنهن بعد مجموعي طور تي فوتگين جو انگ 17 ٿي ويو. صحت کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته سينٽرل ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ هيٽ اسٽروڪ جا 98 ڪيسز رپورٽ ٿيا.ترجمان موجب ڪورنگي ۾ 18،ملير ۾ 14، ڏکڻ ضلعي ۾ 40 ۽ اولهه ضلعي ۾ 30 ڪيسز رپورٽ ڪيا ويا. ترجمان جو چوڻ هو ته صحت کاتي 205 مريضن کي شروعاتي طور تي طبي امداد بعد گهر روانو ڪيو ويو.