اسلام آباد (م ڊ): پينشن اسڪيم ۾ تجويز ڪيل ترميمن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن، تجويز ڪيل ترميمن موجب رٽائرمنٽ کانپوءِ ٻيهر سرڪاري نوڪرين ۾ شامل ٿيندڙن کي پينشن يا پگهار ملندي، جڏهن ته رٽائرمنٽ کانپوءِ ٻيهر ملازمت ڪرڻ وارن کي صرف هڪ کاتي مان پينشن ملندي. تجويز ڪيل ترميمن ۾ چيو ويو آهي ته رٽائرمنٽ کانپوءِ سرڪاري ملازم جي مڙس ۽ زال مان ڪنهن جي فوت ٿيڻ جي صورت ۾ ٻنهي کي پينشن ملندي. تجويز ڪيل ترميمن موجب پينشنر جي وفات کانپوءِ 10 سالن تائين فيملي پينشن ملي سگهندي. جڏهن ته حادثاتي طور رٽائر ٿيندڙ سرڪاري ملازم کي 60 سالن جي عمر تائين پينشن ملندي. ترميمن ۾ موجب سرڪاري ملازم جي فوت ٿيڻ جي صورت ۾ سندس خاندان کي 25 سالن تائين پينشن ملندي، پينشن وٺندڙن جي ٻارن کي جسماني يا ذهني معذوري جي صورت ۾ سڄي عمر پينشن ملندي. تجويز ڪيل ترميمن موجب هٿياربند فوج جي ملازمن ۽ سول آرمڊ فورسز مان رضاڪاراڻي رٽائرمنٽ تي پينشن مان هر سال 3 کان 20 سيڪڙو تائين ڪٽوتي ڪئي ويندي. ترميم ۾ چيو ويو ته سرڪاري ملازم کي رٽائرمنٽ تي آخري 2 سالن جي بنيادي پگهار جي شرح جي 70 سيڪڙو پينشن ملندي، سرڪاري ملازم 25 سالن جي سروس کانپوءِ رضاڪاراڻي طور رٽائر ٿي سگهندا، 60 سالن جي عمر تائين وقت کان اڳ رضاڪاراڻي رٽائرمنٽ هوندي. ترميمن موجب رضاڪاراڻي رٽائرمنٽ لاءِ 60 سالن جي عمر تي پهچڻ تائين پينشن ۾ هر سال 3 کان 20 سيڪڙو ڪٽوتي ٿيندي. تجويز ڪيل ترميمن موجب پينشن ۾ سالياني واڌ رٽائرمنٽ جي وقت وصول ٿيندڙ پينشن جي بنياد تي ڏني ويندي، پينشن ۾ سالياني واڌ کي الڳ رقم جي حساب سان لڳايو ويندو. تجويز ڪيل ترميمن ۾ چيو ويو آهي ته پي اينڊ پينشن ڪميشن هر ٽن سالن ۾ بيس لائين پينشن جو جائزو وٺي پينشن ۾ سالياني واڌ ٻن سالن جي سراسري مهانگائي جي 80 سيڪڙو جي برابر هوندي. ذريعن موجب پينشن اسڪيم ۾ ترميمون ناڻي واري وزارت، بچاءَ ۽ گهرو وزارت جي مشاورت سان تيار ڪيون ويون آهن.