اسلام آباد(م ڊ) آزاد سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته عمران خان کي جيل مان ٻاهر ايندي نه پيو ڏسان، اسان پي ٽي آءِ ۾ گهڻو ڪجهه سکيو آهي، مخصوص سيٽن واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ کي مايوسي ٿيندي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون سپريم ڪورٽ کان معافي ورتي آهي، مون کي ان تي پڇتاءُ ناهي، عدت ۾ نڪاح ڪيس انتهائي بيهوده ڪيس آهي، عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ جهيڙي ۾ گهٽتائي اچڻ گهرجي.
-
سنڌ اسيمبلي: قائم علي شاهه جي تقرير دوران ٽهڪڙا
ڪراچي: اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ايوان ۾ تقرير دوران ٽهڪڙا مچندا رهيا، مخالف ڌر ميمبرن تي تنقيد، بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي سيد قائم علي شاهه چيو ته شبير قريشي بجيٽ تقرير دوران هٿ ائين پيو هلائي ڄڻ ڪنهن چڪ هنيو هجيس، ايتريون ته ٻانهون هنيون آهن، هاڻي کيس ٻانهن ۾ نه سور پئجي وڃيس، هن چيو ته سڀ چون پيا ته اسان 15 سالن کان حڪومت ڪيون پيا، هي نظر پيا هڻن، نظراسان کي نه لڳندي، ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ اڳ کان به وڌيڪ سيٽون کڻندي، هن چيو ته پ پ حڪومت جيڪو ڪم 15 سالن ۾ ڪيو آهي اهو ڪم مخالف 100 سالن ۾ به نه ڪري سگهندا، مخالف ڌر صرف تنقيد ڪئي آهي، ڪنهن به سٺي ڪم جي تعريف نه ڪئي آهي، ٿرڪول جهڙا منصوبا ٻيا به ٺاهينداسين، ان سان برڪت پوندي. ٿر ڪول جهڙا منصوبا مڪمل ڪري شهيد بي نظير ڀٽو جو خواب ساڀيان ڪيو پر اپوزيشن مڃڻ وارن مان نه آهن.