سکر بئراج تي چيني ڪمپني ڪم پئي ڪري: مراد علي شاهه

ڪراچي:  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته سکر بئراج تي  چيني ڪمپني ڪم ڪري پئي، ايوان کي  آگاهه ڪيان ته روهڙي،خيرپور ايسٽ، خيرپورويسٽ ۽ نارا ڪئنالن جي ليفٽ سائيڊ پاڻي ڏيڻ شروع ڪيو آهي، اميد آهي ته سکر بئراج جو نئون گيٽ20 جولاءِ تائين ڪراچي شپ يارڊ مان ملي ويندو، هن چيو ته پاڻي جووهڪرو وڌڻ جي صورت ۾ ٻين آپشنز تي به غور ڪيون پيا، سکر بئراج ۾ 4 هزار 4 سئو ٽن مٽي اچي وئي آهي، سکر بئراج تي پاڻي جي سطح گهٽجي وئي آهي، گليشيئر پگھلڻ شروع ٿي ويا آهن، آبپاشي کاتي ۽ وزير سخت محنت ڪري رهيا آهن آبپاشي وزير اڄ روڊ ذريعي اسلام آباد روانو ٿيندو جتي ايڪنڪ اجلاس ۾ شرڪت بعد آبپاشي وزير ڄام شورو ٻيهر سکر پهچندو، هن چيو ته سنڌ جي عوام آڏو جوابده آهيان، هر مشڪل گهڙي ۾ عوام سان گڏ آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.