آمريڪا کي سوات واقعي تي ڳڻتي

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا سوات ۾ هجوم جي تشدد ۾ سياح جي مارجي وڃڻ واري واقعي تي  افسوس جو اظهار ڪيو آهي.آمريڪي  پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته مذهبي تشدد جي واقعن تي اسان کي  ڳڻتي آهي، مذهبي آزادي، اظهار جي آزادي ۽ پرامن احتجاج جي حق جو احترام ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته اسان هميشه مذهبي معاملن ۾ تشدد تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، اهڙن معاملن ۾ تشدد ۽ ڌمڪيون ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهن، اسان پاڪستان سميت دنيا ۾ هر هنڌ اهڙن واقعن جي مخالفت ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن سان انسانيت کي خطرو آهي،پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جو احترام چاهيون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.