ڪراچي( عوامي آواز نيوز) ڪراچيءَ ۾ گرميءَ جي شدت سبب فوتين جو انگ ڳڻتيءَ جوڳو آهي، گذريل چئن ڏينهن ۾ ايڌي سرد خانن ۾ هڪ اندازي موجب 447 ميتون اچي چڪيون آهن جن مان 21 تاريخ تي 78، 22 تاريخ تي 83 ۽ 23 تاريخ تي 128 ۽ 24 تاريخ تي 135 ۽ 25 تاريخ تي 23 ميتون شامل آهن. اڪثر فوتي ڪراچيءَ جي انهن علائقن جا آهن جتي لوڊ شيڊنگ ٿيندي رهي ٿي، اڪثر فوتين جو موت دم گهٽجڻ ۽ ساهه ٻوساٽجڻ ڪري ٿيو آهي. جڏهن ته هيٽ ويوز سبب شهري مختلف بيمارين ۾ پڻ مبتلا ٿي اسپتالن تائين پهتا آهن، سول اسپتال ۾ تيز بخار جا 67 مريض، جڏهن ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ گرميءَ سبب دل جي عارضن ۾مبتال ٿيندڙ 100 مريضن کي آندو ويو، جن مان 2 فوت ٿي ويا، اهڙي نموني شهر جي مرڪزي ۽ مقامي سطح جي اسپتالن ۾ پڻ هيٽ ويو کان متاثر ٿيندڙ شهرين کي علاج لاءِ داخل ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته هيٽ ويو هڪ قدرتي عمل آهي، پر تنهن هوندي به حڪومت جيڪو ڪجهه ڪري سگهي ٿي اهو ڪري رهي آهي ته جيئن شهرين کي محفوظ رکي سگهجي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ سخت گرمي جي لهر کي نظر ۾ رکندي 77 هيٽ ويو سينٽر ۽ ڪيمپون قائم ڪري ڇڏيون آهن.ڏکڻ ضلعي ۾ 11، اوڀر ضلعي ۾ 18، اولهه ضلعي ۾ 6، سينٽرل ضلعي ۾ 12، ملير ۾ 15، ڪورنگي ۾ 8 ۽ گلزار هجري ۾ 7 مرڪز قائم ڪيا ويا آهن،جڏهن ته اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي عوام جو صبر جواب ڏئي ويو، صفورا ۽ اسڪيم 33 ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ سبب عورتون، ٻارڙا ۽ بزرگ سڀ بي حال ٿي پيا.صفورا ۽ اسڪيم 33 ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪيو ويو.مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ جي خراب ٿيل پي ايم ٽيز ۽ فيڊرز اوور لوڊ ۽ ٽرپ ٿي ويا آهن، فالٽ درست ڪرڻ ۽ مرمت جي نالي تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند ڪئي وڃي ٿي، بجلي بحال ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو.
-
ڪراچي ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب وڌيڪ 4 ڄڻا فوت
ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب وڌيڪ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.ڪراچي ۾ ڪالهه به موسم انتهائي گرم ۽ خشڪ رهيو، شهر جو وڌ ۾ وڌ گرمي پد 39.9 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو جڏهن ته مختلف علائقن ۾ گرمي جي شدت 48 کان 50 ڊگري تائين محسوس ڪئي وئي.سول اسپتال هيٽ اسٽروڪ سيل جي انچارج ڊاڪٽر نظام موجب سول اسپتال ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.هن چيو ته سول اسپتال ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب فوتين جو انگ 12 ٿي ويو آهي.هن چيو ته اڄ هيٽ اسٽروڪ جا 63 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ٻئي طرف جناح اسپتال ۾ هيٽ اسٽروڪ جا وڌيڪ 17 ڪيس سامهون آيا آهن. جناح اسپتال جي هيٽ اسٽروڪ وارڊ جي انچارج موجب متاثر مريضن جي عمر 32 کان 60 سالن جي وچ ۾ آهي ۽ سمورا مريض پاڻي جي کوٽ ۾ مبتلا هئا.
-
ايڇ آر سي پي کي ڪراچيءَ ۾ 568 ماڻهن جي موتن تي ڳڻتي
لاهور (م ڊ) هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) ڪراچي ۾ سخت گرميءَ جي لهر سبب فوتين جي انگ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ايڇ آر سي پي ترجمان چيو ته ڪميشن کي ايڌي فائونڊيشن جي رپورٽن تي ڳڻتي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صرف گذريل 5 ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ گرمي جي لهر سبب 568 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. انتهائي موسمي واقعن اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي آهي ته پاڪستان هاڻي موسمي بحران کي مستقبل ۾ وڌيڪ نظرانداز ڪري نه ٿو ڪري سگهي. ترجمان چيو ته وفاقي، صوبائي ۽ مقامي حڪومتن کي ان صورتحال جو فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ مستقبل ۾ اهڙن موتن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. روڊن جي ڪناري تي ڪئمپون قائم ڪري ماڻهن لاءِ پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي. مقامي اسپتالن، ڪلينڪ ۽ فلاحي ادارن کي به سخت گرمي جي لهر کان متاثر ماڻهن، خاص ڪري ڏينهن جي مزدورن کي داخل ڪرڻ ۽ علاج ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. ايڇ آر سي پي ترجمان موجب سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته فوت ٿيلن جي وارثن کي معاوضو ڏنو وڃي.
-
حيدرآباد ۾ سخت گرمي سبب قيدي سميت 12 ڄڻا فوت، ڪيترائي ماڻهو اسپتال ڀيڙا
حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ سخت گرمي ۽ گهٽ جي نتيجي هڪ قيدي سميت 12 ڄڻا فوت ٿي ويا. سڄي سنڌ جيان حيدرآباد ۾ به گذريل ڪجهه ڏينهن کان گرمي جي شدت ۾ ڳڻتي جوڳي واڌ ٿيڻ ڪري گرمي جي سٽ نه سهڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو مختلف اسپتالن ۾ اچي رهيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران سول اسپتال ۾ مختلف علائقن مان گرمي جي سٽيل 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي آندو ويو، جن مان 9 ماڻهو فوت ٿي ويا. اسپتال انتظاميا ۽ پوليس موجب فوت ٿيندڙن ۾ پيرسن ماڻهن جي اڪثريت آهي. فوت ٿيندڙن ۾ سينٽرل جيل جو هڪ قيدي ۽ 2 عورتون شامل آهن, پوليس کي مختلف علائقن مان ٽن اڻڄاتل ماڻهن جا لاش پڻ هٿ آيا. فوتين ۾ 90 ورهين جو نواز علي، 60 ورهين جو ايوب، 50 ورهين جو اسلم، 40 ورهين جو سليم، 54 ورهين جو لطيف، 30 ورهين جو وحيد، مديحا ۽ 40 ورهين جو غلام مصطفي شامل آهن. فوت ٿيندڙن مان هڪ عورت سميت 4 ڄڻن جي اڃا سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي. سول اسپتال کانسواءِ شهر جي مختلف سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ به گرمي جا سٽيل سوين ماڻهو مرد، عورتون ۽ بارڙا پهچن ٿا، جيڪي گرمي جي ڪري دست، الٽين ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. هوڏانهن حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گرمي ۾ واڌ جي باوجود حيسڪو پاران 12 کان 14 ڪلاڪ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري آهي، جنهن ڪري ماڻهو گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏين ٿا ۽ گهرن ۾ پاڻي جي کوٽ پڻ رهي ٿي.
-
واڌو بجليءَ باوجود ڪراچيءَ ۾ لوڊشيڊنگ جاري آهي: مصطفي’ ڪمال
اسلام آباد (م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ملڪ ۾ بجلي وافر گهڻي مقدار ۾ موجود آهي. هن گرميءَ ۾ به ڪراچيءَ ۾ 18 ڪلاڪ بجلي ناهي. اسلام آباد ۾ پارليامنٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪالهه وزير اعظم ۽ سندس وفد سان ملاقات ٿي، ايم ڪيو ايم ايوان ۾ به معاملو اٿاريو. هن چيو ته حقيقت کان پري نه ڳالهائينداسين، هڪ سئو ڏينهن ۾ مهانگائي گهٽ ٿي آهي. اسٽاڪ ايڪسچينج بهتر ٿي چڪي آهي. حڪومت واضح ڪيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ لازمي آهي. اهو هڪ هاڪاري شيءِ آهي. هن چيو ته هي روايتي بجيٽ آهي، وڏن معاشي ۽ غير معمولي مسئلن دوران غير معمولي صورتحال ۾ روايتي بجيٽ آندي وئي.
-
ڪراچي ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب 10 ماڻهو فوت ٿيا:ڪمشنر
ڪراچي(رپورٽر) ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي چيو آهي ته شهر ۾ هيٽ اسٽروڪ سان 10 ماڻهو فوت ٿيا آهن،هيٽ اسٽروڪ جا تقريبن 1700 ڪيس رپورٽ ٿيا،اسان هر طرف کان ڊيٽا گڏ ڪئي آهي،سڀ کان پهرين اسپتالن مان ڊيٽا هٿ ڪئي، هن چيو ته شهر ۾ فوتين جي شرح نارمل کان 4 کان 5 سيڪڙو وڌي آهي،سمورن ذريعن کان تصديق ڪئي هيٽ اسٽروڪ سان وڌيڪ فوتگيون ناهن ٿيون، سردخانن مان نمبر وٺي فوتي ماڻهن جي ڪجهه وارثن سان رابطو ڪيو آهي، وارثن سان ڳالهائي خبر پئي ته هيٽ اسٽروڪ سان 5 سيڪڙو ماڻهن جون فوتگيون ٿيون آهن،هن چيو ته شهر جي وڏن سردخانن ۾ ڊيٽا موت جي سبب سان نٿي ٺاهي وڃي، قبرستانن کان به ڊيٽا ورتي وئي، ڪا غيرمعمولي واڌ ناهي ڏٺي وئي،
-
مچ جيل ۾ بجلي غائب، هيٽ اسٽروڪ جو خدشو
مچ (م ڊ) بلوچستان جي مچ جيل ۾ 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي. جيل سپرنٽينڊنٽ گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي خط موڪلي چيو آهي ته مچ جيل ۾ بجلي بند ٿيڻ سبب سڪيورٽي خدشا وڌي ويا آهن. هن چيو ته سخت گرمي ۾ قيدين کي هيٽ اسٽروڪ جو خطرو آهي. جيل سپرنٽينڊنٽ موجب اليڪٽرونڪ اوون بند ٿيڻ سبب 750 قيدين کي ماني ٺاهڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي.