فيض گنج ڀرسان ڪار کي باهه لڳڻ سبب زال مڙس معصوم پٽ سميت سڙي فوت، علائقي ۾ سوڳ جي لهر

فيض گنج ( رپورٽ : ظھير خاصخيلي) ڪرونڊي لڳ ڪرونڊي- حسين پاتو  لنڪ روڊ تي جهانيان آباد وٽ تيز رفتار ڪار کي اچانڪ باه لڳي وئي جنهن  سبب ڪار ۾ موجود معصوم ٻار ، نوجوان ۽ هڪ عورت سڙي فوت ٿي ويا جڏھن ته واقعي بعد ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا پهتا جن باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ فوتين جا لاش  ٻاهر ڪڍيا جنهن بعد فوتين جي سڃاڻپ  نارو تعلقو جي ڳوٺ تجل واسي ڊاڪٽر حبيب الله سهتو سندس زال ذاڪره بيبي ۽ معصوم پٽ  اڪرام الله طور ٿي جيڪي  موقعي تي ئي سڙي فوت ٿي ويا  هئا واضح رهي ته سڙي فوت ٿي ويل نارو تعلقي جي ڳوٺ تجل جو رهواسي هو جنهن جي ڪرونڊي لڳ ڳوٺ بصيرو مان شادي ٿيل هئي گذريل ڏينهن سهريجن سان ملڻ آيو هو اڄ واپس وڃي  رهيو هو ته ڪار کي باهه لڳي وئي،  جنهن سبب 3ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا ، جڏھن ته فوتين جا لاش پڪاچانگ اسپتال آڻي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا،  اڪري چودڳي پوليس موجب ڪار اندر رڌ پچاءُ لاءِ ڪم ايندڙ گيس سلينڊر پيل هو جنهن مان گيس ليڪيج ٿيڻ ڪري ڪار کي باهه لڳي آهي،  وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.