پشاور (م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر شاندانه گلزار چيو آهي ته شهريار آفريدي جڏهن استعيفيٰ جو ڪيو آهي ته مون به ڌمڪي ڏني ته اسان به استعيفيٰ ڏينداسين، جڏهن ته سياسي ڪميٽي ۾ ڪيترائي شڪي ڪردار آهن، سياسي ڪميٽي جا شڪي ڪردار 9 مئي کانپوءِ غائب رهيا. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي ميمبر شاندانه گلزار چيو ته جيڪڏهن اسان پي ٽي آءِ باني عمران خان کي جيل مان نه ٿا ڪڍي سگهون ته پوءِ استعيفيٰ ڏيڻ بهتر آهي. هن چيو ته اسان هتي ڊيسڪون وڄائي ڪميٽي ڪميٽي کيڏي رهيا آهيون، ان کان بهتر آهي ته گهر ۾ ويهي رهون. جڏهن شهريار استعيفيٰ ڏيڻ جو چيو ته مون ڌمڪي ڏني ته اسان به استعيفيٰ ڏينداسين. شاندانه چيو ته شهريار آفريدي جي استعيفيٰ کانپوءِ شير افضل مروت چيو ته هو استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي.