واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي نمائندن جي ايوان پاڪستان ۾ ٿيل عام چونڊن جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. آمريڪي نمائندن جي ايوان مان 7 جي ڀيٽ ۾ 368 ووٽن سان منظور نان بائنڊنگ ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته 8 فيبروري جي چونڊن ۾ مداخلت ۽ بي ضابطگين جي دعوائن جي آزاداڻي ۽ اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي. ٺهراءَ موجب پاڪستان ۾ عوام کي جمهوري عمل ۾ شرڪت کان روڪڻ لاءِ کين دٻائڻ جي ڪوششن جي مذمت ڪيون ٿا. ٺهراءَ ۾ عوام کي جمهوري عمل ۾ حصو وٺڻ کان پري رکڻ لاءِ ڌمڪائڻ، هراسان ڪرڻ ۽ قيد ۾ رکڻ جي به مذمت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته انٽرنيٽ ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سهولتن جي فراهمي ۾ دير ۽ انساني، سول ۽ سياسي حقن جي ڀڃڪري مذمت جوڳي آهي. آمريڪي حڪومت ان نان بائندنگ ٺهراءَ تي عمل ڪرڻ جي پابند ناهي.
اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان آمريڪي ڪانگريس پاران ملڪي چونڊن ۾ بي ضابطگين جي الزامن جي جاچ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته منظور ڪيل آمريڪي ٺهراءُ نه تعميري آهي نه بامقصد، آمريڪي ٺهراءُ چونڊ عمل کان اڻ ڄاڻائي ڏيکاري ٿو. پاڪستان آئين ۽ انساني حقن کي اهميت ڏئي ٿو. پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان دنيا جي ٻي وڏي پارلياماني جمهوريت ۽ پنجون وڏو جمهوري ملڪ آهي. ٺهراءُ پاڪ، آمريڪا لاڳاپن جي هاڪاري رخن سان مطابقت نه ٿي رکي، اميد ته ڪانگريس ٻه طرفا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي.