جنرل باجوا، فيض کي آءِ ايس آءِ سربراهي تان هٽائي واعديٰ خلافي ڪئي: عمران

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت وٽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ واضح حڪمت عملي ناهي. ايڪس تي عمران خان جي اڪائونٽ مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايس آءِ ملڪ کي دهشتگردي کان بچائڻو هو، پي ٽي آءِ کي مارڻ لاءِ ٺاهيو ويو. پي ٽي آءِ جي دور حڪومت ۾ دهشتگردي ۾ واضح گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي.  عمران خان جي پيغام ۾ اهو به چيو ويو ته افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسي کانپوءِ ملڪ ۾ گهرو ويڙهه جو خدشو آهي، جنهن کي احتياط سان منهن ڏنو ويو.  ان وقت جي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد نئين افغان حڪومت سان لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. علائقي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي منهنجي حڪومت ڊي جي آءِ ايس آءِ کي تبديل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان حوالي سان جنرل باجوه کي هدايتون جاري ڪيون ويون. جنرل باجوه وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ کي تبديل نه ڪيو ويندو پر ڊي جي آءِ ايس آءِ کي ان سببن جي ڪري تبديل ڪيو ويو جيڪي بعد ۾ سامهون آيا.  جنرل باجوا ۽ نواز شريف وچ ۾ ڊيل ٿي، جنهن ۾ جنرل باجوه جي مدي ۾ واڌ به شامل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.