عارف علوي آمريڪي ڪانگريس جي ٺهراءَ جي آجيان ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر): اڳوڻي صدر ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ عارف علوي آمريڪي ڪانگريس طرفان چونڊن بابت ٺهراءَ جي منظوري جي  آجيان ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ عارف علوي چيو ته آمريڪي ڪانگريس ۾ ٺهراءَ جي منظوري صحيح رخ ۾ کنيل قدم آهي. عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ جمهوري عمل جي خرابي جي 7 جي مقابلي ۾ 368 ووٽن جي اڪثريت سان مذمت ڪئي وئي. ٻئي طرف  عارف علوي جي بيان تي ردعمل ڏيندي پ پ اڳواڻ رضا هارون چيو آهي ته پي ٽي آءِ آمريڪي سازش کان آمريڪي حمايت ڏانهن سفر ڪري رهي آهي. رضا هارون چيو ته عارف علوي اسان جي اندروني معاملن ۾ آمريڪي مداخلت جي حمايت ڪري رهيو آهي، ڇا اسان جو آئين ۽ قانون ٻاهرين مداخلت جي اجازت ڏئي ٿو؟ پ پ اڳواڻ اهو به چيو ته هو ياد ڏياري رهيو آهي ته جڏهن اها آمريڪي سازش ٿي ته ان وقت عارف علوي پاڪستان جو صدر هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.