پريا ڪماري زندهه، چولستان جي لاڏائو خاندان وٽ قيد

ڪراچي(رپورٽر) گهرو کاتي جي صوبائي وزير ضياالحسن لنجار چيو ته ڪچي ۾ گذريل ٽن چئن مهينن دوران پوليس سان مقابلن ۾ 70 کان وڌيڪ بدنام ڌاڙيل ماريا ويا آهن، ڪچي ۾ ڏوهارين کي بخش نه ڪيو ويندوسندس هن چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ موجب  پريا ڪماري زندهه آهي ۽ اها چولستان جي لاڏائو خاندان وٽ آهي.  ضيا لنجار چيو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ ڪيس چالان جي ويجهو پهچي چڪو آهي، شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي به گرفتار ڪيو ويندو، جلد خوشخبري ملندي، مڪاني کاتي جي  صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اها حقيقت آهي ته سنڌي مهاجر تقسيم جي ڪري سنڌ کي وڏو نقصان پهتو آهي، جنهن سوچ کي ختم ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ڪراچي کي نظراندازڪيو آهي، رڳو مڪاني کاتي جون 541 کان وڌيڪ ترقياتي رٿائون ڪراچي ۾ آهن، سعيد غني چيو ته ڪراچي کي ميگا رٿائون ڏيڻ جي شروعات به پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ڪئي.سعيد غني چيو ته جماعت اسلامي گرمي ۾ شاهراهه فيصل تي ڌرڻو هڻي عوام کي پريشان نه ڪري، بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ڪري ماڻهن جي مرڻ جو ڪيس ڪي اليڪٽرڪ تي داخل ڪيو وڃي،  سني اتحاد ڪائونسل جي شبير قريشي چيو ته وزيرڪارڪردگي ائين پيا ٻڌائين ڄڻ آمريڪا يا يورپ ۾ رهندا هجون، سرڪار رڳو اين آءِ سي وي ڊي ۽ گمبٽ جوذڪر  ڪري ٿي، ٻين اسپتالن جو  به ته احوال ٻڌايووڃي، جناح اسپتال  جو سربراهه شاهد رسول ڪرپشن پيوڪري، سول ۽ ايس آءِ يوٽي کي اين جي اوز پيون هلائين، منگهو پير ميٽرنٽي هوم تي قبضو آهي، شهيد ڀٽو جي نالي سان قائم ڪيل  ادارن کي ٺيڪ ڪري نالي جي لڄ رکي وڃي، هن چيو ته عوام کي 300 يونٽ بجلي فري ڏيڻ جي واعدي تي عمل ڪري ڏيکاريو، اهوواعدو ڪيڏانهن ويو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.