اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان جي فوج سان رابطو ختم ڪرڻ کي وڏي غلطي قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن رابطو هجي ها ته ايتريون غلط فهميون نه هجن ها، اسان سوچي ۾ نٿا سگهون ته اهڙي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو، پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي فواد چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف جي موجوده قيادت نٿي چاهي ته عمران خان جيل مان ٻاهر اچي، ڇو ته کين ڊپ آهي ته عمران خان ٻاهر آيو ته اسد عمر، عمران اسماعيل، فواد چوڌري ۽ علي زيدي ٻيهر قيادت سنڀاليندا ۽ پارٽي ۾ موجوده قيادت جي مداخلت ختم ٿي ويندي. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته پير پاڳارو، شيخ رشيد، مولانا فضل الرحمان، پرويز الاهي اسٽيبلشمينٽ جي موجوده پاليسي سان گڏ ناهن، عمران خان ۽ فوج ۾ جنگ ناهي پر ڪجهه غلط فهميون آهي، جن کي ٻنهي ڌرين طرفان هڪ هڪ قدم پٺتي هٽي ڪري حل ڪري سگهجي ٿو. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته فوج سان لاڳاپا ڪٽڻ عمران خان جي وڏي غلطي هئي، جنهن سبب حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ غلط فهمي وڌي. پي ٽي آءِ جو مرڪزي اڳواڻ ۽ عمران خان فوج سان رابطي ۾ هجي ها ته شايد غلط فهمي ايتري نه وڌي ها. هن چيو ته شيخ رشيد جو فون آيو هو جنهن چيو ته جيڪڏهن توهان ۽ مان فوج جا مخالف آهيون ته پوءِ هن ملڪ ۾ فوج جو حامي ڪير آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو اڄ به مڃي ٿو ته فوج ملڪ جو اهم حصو آهي ۽ فوج کانسواءِ ملڪ نٿو هلي سگهي. پر پاڪستان ۾ سماجي تبديلي آئي آهي ۽ اڄ جي بدليل صورتحال ۾ فوج کي سياست ۾ پنهنجو ڪردار محدود ڪرڻو پوندو، تحريڪ انصاف پاران چونڊ ٽڪيٽ نه ڏيڻ واري سوال تي فواد چوڌري چيو ته مون کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ئي نه ڏني وئي، ٽڪيٽ نه ملڻ وارو عمران خان تي الزام هڻڻ جو ڪو سبب ناهي، استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ زبردستي اسلام آباد مان لاهور آندو ويو.