اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري جي عدت دوران نڪاح بابت ڪيس ۾ سزا خلاف مرڪزي اپيلن تي فيصلو اڄ منجهند جو 3 وڳي ٻڌايو ويندو. ڊسٽرڪٽ سيشن جج افضل مجوڪا عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ سزا خلاف اپيلن تي فيصلو ٻڌائيندو. پي ٽي آءِ جو باني هن وقت عدت ڪيس ۾ سزا ملڻ سبب اڊيالا جيل ۾ آهي. پي ٽي آءِ باني پهريان ئي توشاخانا ۽ سائفر ڪيسن مان بري ٿي چڪو آهي، جڏهن ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سندس ضمانت منظور ٿيل آهي. پي ٽي آءِ جو باني 9 مئي تي لاهور، راولپنڊي، فيصل آباد ۾ داخل ڪيسن ۾ ضمانت تي آهي، ايف آءِ اي پي ٽي آءِ باني کان اڊيالا جيل ۾ ٻه ڀيرا رياست مخالف وڊيو ٽوئٽ ڪرڻ تي پڇا ڳاڇا ڪئي آهي پر اڃا تائين پي ٽي آءِ باني خلاف ڪو به نئون ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو.