ملڪاڻي شريف ڀرسان 2 نوجوان مبينا طور اغوا، وارثن کان 20 لک رپيا ڀنگ طلب، واقعي خلاف ڌرڻو

ملڪاڻي شريف ( رپورٽ: مرتضىٰ ملڪاڻي)  ملڪاڻي شريف  لڳ ڳوٺ محراب چانڊيو جا رهواسي نوجوان علي حسن ولد خميسو چانڊيو منصوب ولد سانوڻ  چانڊيو روزگار سانگي  ڳوٺ کان  ڪشمور وڃي رهيا هئا ته وارثن جو حيدرآباد تائين رابطو هو بعد ۾نوجوانن جا نمبر بند ٿي ويا هئا،  ٻئي ڏينهن  اغوا ٿيل نوجوان جي نمبر تان وارثن کي فون ڪال آئي ته 20 لک رپيا ڀنگ ڏيو ته نوجوانن کي آزاد ڪيون ٻئي صورت ۾ ماري لاش اڇلايا ويندا  جنهن خلاف اغوا ٿيل نوجوانن جي وارثن چانڊيا برادري جي نوجوانن  عورتن سميت احتجاجي مظاهرو ڪري نٽهڻ اس ۾  پنگريو جهڏو روڊ تي ڌرڻو هڻي. روڊ بلاڪ ڪري ڃڏيو  وارثن مسمات خديجه، ڌڃاڻي سياڻي ، حوا ،ممتاز چانڊيو، عاشق علي چانڊيو، حنيف  چانڊيو، صدام حسين،  خميسو چانڊيو ۽ ٻين دانهيدي چيو   ٻڌايو ته اسان جا  نوجوان  روزگار سانگي  ڪشمور وڃي رهيا هئا   جن کي حيدرآباد کان پوئي رستي مان اغواه  ڪيو ويو آھي ۽ ڌاڙيلن طرفان  اسان جي نوجوان جي نمبر تان  ڪال ڪري چيو ته 20 لک رپيا ڀنگ ڏئي پنهنجي نوجوانن کي  بازياب ڪرايو ٻئي صورت ۾ ماري لاش اڇلايا ويندا  جڏھن ته وارٽن ٻڌائيندي چيو ته اسين غريب پريشان آهيون گهر ۾ کائڻ لاء ڪجھ به ناهي ڪمائيندڙ نوجوان اغوا ٿي ويا آهن  ويه لک رپيا ڀرڻ  جي سگه ناهي ،  هنن آءِ  جي سنڌ ايس ايس پي بدين ۽ ٻين وس وارن  کي اپيل ڪئي آهي ته اسان غريبن جي مدد ڪري  نوجوان بازياب ڪرايا وڃن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.