حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ اناج منڊي جي واپاري جي دڪان ۾ 4 هٿياربند داخل ٿي دڪان مالڪ ۽ ٻين ويٺلن کي يرغمال بڻائي 5 لک رپيا روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واپارين ڦر واقعي خلاف احتجاج ڪندي اناج منڊي بند ڪرڻ جو چتاء ڏنو آهي. حيدرآباد جي اناج منڊي جي هڪ دڪان ۾ واپاري محمد علي قريشي ۽ ٻين ماڻهن کان 4 اڻڄاتل هٿياربند هٿيارن جي زور تي 5 لک رپيا روڪ ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، متاثر دڪاندار موجب منهنجو ملازم بينڪ مان پيسا ڪڍرائي دڪان تي کڻي آيو هو، انهي دوران موٽرسائيڪلن تي سوار هٿياربندن دڪان ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڦر ڪئي. واقعي جي اطلاع تي اناج منڊي جي يونين جا اڳواڻ پهچي ويا، جن واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اناج منڊي يونين جي صدر حاجي هارون ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اناج منڊي جي واپارين کان ڦر ٿيڻ معمول بڻيل آهي، ڏينهن ڏٺي جو دڪان تي ويٺل واپاري کان ڦر ٿيڻ تي واپاري برادري ۾ بيچيني پيدا ٿي وئي آهي ۽ واپاري پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن. هنن چيو ته رات جو واپارين جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ سخت فيصلا ڪيا ويندا۽ هنن چيو ته اجلاس ۾ ان بدامني خلاف اڻ اعلانيل مدي تائين ڪاروبار بند ڪري هڙتال جو اعلان ڪرڻ سميت ٻيا فيصلا ڪيا ويندا.