ٿر جي ڪوئل مائي ڏاهي ٽائمز اسڪوائر جي زينت بڻجي وئي

نيويارڪ (م ڊ): ٿر جي ڪوئل جهڙي آواز مائي ڏاهي نيويارڪ جي ٽائمز اسڪوائر جي زينت بڻجي وئي. فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي اسپوٽي فاءِ پنهنجي آفيشل پيج تي ٽائمز اسڪوائر ۾ مائي ڏاهيءَ جي تصوير شيئر ڪئي آهي. ان سان گڏ هن ڪيپشن ۾ لکيو ته ڪوئل جهڙو آواز ٽائمز اسڪوائر  تي پهچي ويو، ان سان گڏ گرين هارٽ جي ايموجي به شامل ڪئي وئي. هن اهو به چيو ته سندس گانا ايڪول پاڪستان تي ٻڌي سگهجن ٿا. ياد رهي ته اسپوٽي فاءِ جي ايڪول پاڪستان پروگرام 80 ورهين جي مشهور علائقائي ڪلاسيڪل ڳائڻي مائي ڏاهيءَ کي جون جي مهيني لاءِ ايڪول پاڪستان جو سفير مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ مائي نه رڳو ايڪول پاڪستان جي پهرين ريجنل سفير چونڊجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي پر هوءَ 2024 جي پهرين ڳائڻي پڻ بڻجي وئي آهي جيڪا نيويارڪ جي مشهور ٽائمز اسڪوائر جي زينت بڻي آهي. مائي ڏاهيءَ جي موسيقي ۾ لوڪ گيت ۽ ثقافتي پاسا شامل آهن، ۽ ٻاهرين ملڪن، خاص طور تي هندستان، آمريڪا، برطانيا، ڪئناڊا، ۽ بنگلاديش سميت مختلف ملڪن ۾ هن جا گيت اسپوٽي فاءِ تي سڀ کان وڌيڪ ٻڌا ويندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.