اوڏيرو لال مان اغوا ٿيل نريش ڪمار جو پتو نه پيو، احتجاجي ريلي، ڌرڻو

اوڏيرولال (ن ع آ) ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نوجوان ديوان نريش ڪمار جو مٽياري پوليس ڪوبه پتو نه لڳائي سگهي، اغوا ٿيل هندو واپاري نريش ڪمار جي بازيابي لاءِ سياسي سماجي ڌرين ۽  واپارين پاران الهه بخش چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي شيوا منڊلي اوڏيرولال جي اڳواڻ کيمچند، انجمن تاجران جي سيٺ ٺاڪو مل، جي يو آءِ جي احمد علي خاصخيلي، ٽائون چيئرمين محمد قاسم ابڙو، حاجي نبي بخش جت ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته 5 ڏينهن گذرڻ جي باوجود مٽياري پوليس اسان جي اغوا ٿيل نوجوان نريش ڪمار کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي نوجوان جا سمورا گهر ڀاتي پريشان آهن پر پوليس اڃا تائين ڪو به ٻوٽو نه باريو آهي، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي مٽياري اسان سان واعدو ڪيو هو ته ٽن ڏينهن اندر مغوي کي آزاد ڪرايو ويندو پر اڄ ڇهون ڏينهن آهي، مغوي جي ڪابه خبر ناهي. هنن چيو ته اڄ اسان حڪومت کي آخري وارننگ ڏيئي رهيا آهيون جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر مغوي نريش ڪمار آزاد نه ٿيو ته سنڌ جي هر شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪنداسين ۽ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين. هنن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ٿا ڪيون ته فوري طور مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.02

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.