نئين دهلي ( م ڊ ) ڀارتي سياستدان اسد الدين اويسي لوڪ سڀا جي ميمبر طور حلف کڻندي جيئي فلسطين ۽ الله اڪبر جا نعرا هنيا، ڀارتي لوڪ سڀا جي اجلاس ۾ نون چونڊيل ميمبرن جي حلف برداري جاري هئي، جنهن دوران حلف کڻڻ لاءِ تلنگانا رياست مان چونڊيل ميمبر اسد الدين اويسي کي سڏيو ويو. جڏهن اسد الدين اويسي ڊائس ڏانهن وڌڻ لڳو ته ايوان ۾ جيئي شري رام جا نعرا گونجي ويا، ڀارتي ميڊيا موجب، جيئي ڀيم، جيئيم، جو نعرو سياسي پارٽيون استعمال ڪن ٿيون، جيڪي سمجهن ٿيون ته ڀارت ۾ دلتن ۽ مسلمانن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي، حلف کڻڻ کانپوءِ نعرا هڻڻ تي حڪمران اتحاد طرفان اسد الدين اويسي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ ڪيترن ئي ميمبرن ان قدم کي غير آئيني قرار ڏنو آهي، پارليامينٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اسد الدين اويسي چيو ته جن سندس عمل کي آئين خلاف قرار ڏنو اهي ٻڌائين ته آئين جي ڪهڙي شق آهي، بعد ۾ لوڪ سڀا جي اسپيڪر اسد الدين اويسي پاران لڳايل نعرن کي ايوان جي ڪارروائي مان خارج ڪري ڇڏيو.
-
ڀارت ڪارگل جنگ ۾ مدد جي بدلي اسرائيل کي هٿيار پيو ڏئي\
-
اڳوڻو اسرائيلي سفير
- تل ابيب (م ڊ) 1999 جي ڪارگل جنگ ۾ اسرائيل جي حمايت تي ڀارت هاڻي غزه جنگ لاءِ اسرائيل کي هٿيار فراهم ڪري رهيو آهي. اها دعويٰ ڀارت ۾ اسرائيل جي اڳوڻي سفير ڊينيئل ڪارمون اسرائيلي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪئي آهي. ڊينيئل ڪارمون چيو ته اسرائيل انهن چند ملڪن مان هڪ هو جن ڪارگل جنگ دوران ڀارت کي هٿيار فراهم ڪيا. 2014 کان 2018 تائين ڀارت ۾ اسرائيلي سفير طور ڪم ڪندڙ ڊينيئل چيو ته هندستانين هميشه اسان کي ياد ڏياريو ته اسرائيل ڪارگل جنگ دوران اسان سان گڏ هو، هندستاني ان کي ڪڏهن به وساري نٿا سگهن ۽ هاڻي اهي احسان واپس ڪري رهيا آهن. اڳوڻي اسرائيلي سفير جو بيان مختلف رپورٽن ۾ ان دعويٰ کانپوءِ سامهون آيو آهي ته ڀارت غزه جنگ لاءِ اسرائيل کي ڊرون ۽ گولا بارود فراهم ڪيو آهي. فيبروري 2024 ۾ ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو ته هندستان اسرائيل کي 20 جديد ميزائل فراهم ڪيا، هرميس 900 ڊرون پهچايا ويا. اهي ڊرون حيدرآباد دکن جي ڪارخاني ۾ ٺاهيا ويا هئا ۽ اهو ڪارخانو اسرائيل پاڻ ٺاهيو هو. اسرائيلي ميڊيا موجب مئي ۾ اسپين هندستان کان اسرائيل ويندڙ هڪ مال بردار جهاز کي روڪيو هو. جهاز 27 ٽن فوجي سامان کڻي رهيو هو. ڀارتي حڪومت خبرن جي تصديق نه ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪو ردعمل جاري ڪيو ويو آهي.