اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته ايپڪس ڪميٽي اجلاس ۾ فوجي آپريشن جي ڳالهه ئي نه ٿي هئي،ڪي پي جو وڏو وزير سان ڳالهه ٿي آهي، هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ آپريشن جي ڳالهه ئي ناهي ٿي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته چين جا خدشا بلڪل ختم ٿيڻ گهرجن،اهو معاملو پارليامينٽ ۾ طئي ٿيڻ گهرجي، اتي ئي ڳالهيون ٿينديون، هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ڳالهيون ٿيون آهن، اسان جو مطالبو آهي ته آپريشن جو معاملو پارليامينٽ ۾ کڻي اچو، جيڪي به تجويزون آهن پارليامينٽ ۾ پيش ڪيون وڃن