ايم ڪيو ايم پاران 12 لک رپيا سالياني پگهار تي ٽيڪس ختم ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) ايم ڪيو ايم 12 لک رپيا سالياني پگهار تي ٽيڪس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، متحده قومي موومينٽ  پاڪستان جي اڳواڻ امين الحق 12 لک رپيا سالياني آمدني رکندڙ پگهاردار طبقي تي ٽيڪس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبر امين الحق چيو ته موجوده بجيٽ قرضن تي وياج جي ادائگي ختم ڪري ٿي، افغانستان ۽ ڀارت کي ڏسجي ته اسان جي ملڪ جون حالتون بهتر ناهن. هن چيو ته دفاع لاءِ 2100 ارب رکڻ بهترين فيصلو آهي، اسان ان وقت ننڊ ڪندا آهيون جڏهن پاڪستاني فوج سرحدن جي حفاظت ڪندي آهي. امين الحق مطالبو ڪيو ته اي او بي آءِ جو معاوضو 10 مان وڌائي 12 هزار ڪيو وڃي، 12 لک سالياني پگهاردار طبقي تي ٽيڪس ختم ڪيو وڃي، نيوز پرنٽ تي 10 سيڪڙو جي ايس ٽي ختم ڪئي وڃي، پرنٽ ميڊيا زوال پذير آهي ۽ صحافي بيروزگار ٿي رهيا آهن.ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته پي سي اي ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ ڪوششون جاري آهن، حڪومت پي سي اي ايڪٽ ۾ ترميم کان اڳ اي پي اين ايس، سي پي اين اي ۽ پي ايف يو جي سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺي . امين الحق چيو ته زرعي ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي ۽ جيڪي ماڻهو ڪڻڪ وڪرو ڪري منافعو ڪمائين ٿا انهن تي به ٽيڪس لڳايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.