کٿڙ (رپورٽ: ناصر علي) حيدرآباد جي علائقي کٿڙ لڳ ملنگ هوٽل ڀرسان ڪهاڙين جا وار ڪري ڄنگهون ڀڃي زخمي ڪيل گڏھ ڪراچي جي شيلٽر هوم ۾ علاج دوران مري ويو. سيري ٿاڻي جي حد کٿڙ ويجهو ملنگ هوٽل ڀرسان پاڻ ۾ ٻه گڏھه وڙھڻ تان هڪ گڏھه جي مالڪ مير محمد رند ٻئي گڏھه کي ڪهاڙيون هڻي ان جون ڄنگهون ڀڃي سخت زخمي ڪري وڌو هو. جنهن جون خبرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ ايس ايس پي حيدرآباد واقعي جو نوٽيس ورتو هو ۽ گڏھه کي بيدردي سان زخمي ڪندڙ مير محمد رند کي سيري پوليس گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت کيس نارا جيل حوالي ڪري ڇڏيو هو ۽ زخمي گڏھه کي ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو جي ٽيم علاج لاءِ کڻائي وئي هئي. جنهن کان پوءِ گڏهھ جي وڌيڪ بهتر علاج لاءِ ميئر حيدرآباد جي خاص ٽيم ڪراچي جي هڪ شيلٽر هوم ۾ موڪليو هو. جتي هو علاج هيٺ هو. جتي زخمن جا سور نه سهندي گڏھه مري ويو آهي.