ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي موسم گذريل ڏينهن کان گرم ۽ خشڪ آهي، شهر ۾ گذريل ڏينهن وڌ ۾ وڌ گرمي پد 40.6 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته خانگي ويدراسٽيشن تي وڌ ۾ وڌ گرمي پد 52 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي موجب ڏينهن دوران هوا ۾ نمي جو تناسب 54 سيڪڙو رهيو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن دوران موسم گرم ۽ خشڪ رهندي، گرمي پد 38 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. ان کان علاوه جيڪب آباد، دادو، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ ٻين ضلعن ۾ گرمي پد 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڄامشورو، ٿرپارڪر، دادو ۽ عمرڪوٽ ۾ تيزهوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.