پشاور (م ڊ)نيشنل پارٽي پختون خواه وحدت پاران پشاور پريس ڪلب ۾ اڳوڻي صدر ورڪنگ سينٽرل ڪميٽي مختار باچا جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس منعقد ڪيو ويو. تقريب ۾ نيشنل پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سينيٽر جان بالادي، اي اين پي جي صوبائي صدر ميان افتخار حسين، قومي وطن پارٽي جو صوبائي چيئرمين سڪندر حيات خان شيرپائو، مزدور کسان پارٽي جي مرڪزي صدر افضل خاموش، رخشنده ناز، مريم بي بي، نيشنل پارٽي پختونخواه وحدت جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تيمور ڪمال، حيدر زمان، علي اڪبر، پ پ اڳواڻ انور زيب سميت وڪيلن ۽ صحافين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مقررين چيو ته مختارپاچا زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين پنهنجي سوچ تي قائم رهيو، هن پنهنجي سوچ ۽ فڪر کي تبديل نه ڪيو.پشاور۾ قومي انقلابي پارٽي کي باچا هڪ سرگرم ڪارڪن جي حيثيت سان هلايو، هن پاڻ کي مرڪزي تنظيم مان ڪڍي پارٽي جي ڪارڪنن سان سڌو سنئون تعلق قائم ڪيو.شرڪت ڪندڙن کيس سندس سياسي خدمتن ۽ لازوال قربانين تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته مختار باچا جون سياست لاءِ ڪيل خدمتون ناقابل فراموش آهن ۽ سندس وجود ۽ فڪر اڄ به زندهه آهي. مختار باچا اسان جي تاريخ، حال ۽ روشن مستقبل آهي، دنيا سندس خيالن ۽ سوچن جو قدر ڪري ٿي.