اسلام آباد (م ڊ) سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بابت اهم اجلاس اڄ سکر ۾ طلب ڪيو ويو آهي. صدر آصف علي زرداري سيڪيورٽي اجلاس جي صدارت ڪندو. اجلاس ۾ امن امان بابت اهم فيصلن جو امڪان آهي.اجلاس ۾ ڪچي ۾ جاري پوليس ۽ رينجرز جي آپريشن تي بريفنگ ڏني ويندي، ڪچي جي مسئلن، هٿيارن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ سکر روانو ٿي ويو. سڪيورٽي اجلاس ۾ ڊي جي رينجرز سنڌ، گهرو وزير، وزير اعليٰ سنڌ شرڪت ڪندا. ان کان علاوه ڊي آءِ جي سکر ۽ لاڙڪاڻو سميت وفاقي ۽ صوبائي وزير به اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.