ڪراچي ( رپورٽر ) ايف آءِ اي اميگريشن ڪراچي ايئر پورٽ تي ڪاروائي ڪندي جعلي پاڪستاني پاسپورٽ تي ابوظھبي مان پاڪستان پھچندڙ افغاني شھري کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي جي ترجمان مطابق جوا بدار محمد نعيم فلائيٽ نمبر EY 221 جي ذريعي ابوظھبي مان پاڪستان پھتو ، جوابدار جو پاسپورٽ تي ٻاھرين ملڪ روانگي جي حوالي سان ڪنهن قسم جو اسٽيمپ ناھي مليو ۽ نه ئي جوابدار جي آي بي ايم ايس ۾ به ڪنهن قسم جو سفري رڪارڊ موجود آهي. جوابدار جي پاسپورٽ تي يو اي اي جي جعلي آمد ۽ روانگي جي مھرون لڳل آهن. ابتدائي جاچ جي مطابق جوابدار جو تعلق افغانستان سان آهي ۽ ان جي شناختي ڪارڊ تي ضلعي ٽنڊو الله يار جو پتو لکيل آهي پر جوابدار ٽنڊو الله يار جي حوالي سان ڪنهن قسم جي معلومات نه ڏئي سگھيو ، ترجمان ايف آءِ اي جي مطابق جوابدار جعلسازي سان پاڪستاني شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ٺھرايو ، جوابدار محمد نعيم کي وڌيڪ قانوني ڪاروائي جي لاءِ اينٽي ھيومن ٽريفڪنگ سرڪل ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.
-
ڪراچي جي افغان ڪيمپ ويجهو گهر مان لکين رپين جو ڌاڙو
ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ افغان ڪيمپ ڀرسان هٿياربندن هڪ گهر مان ڦر ڪري 12 لک رپيا، 4 تولا سون، ليپ ٽاپ ۽ موبائل فون ڦر لٽ ڪري فرار ٿي ويا. وارثن جي فرياد تي گلشن معمار ٿاڻي ۾ واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. مدعي جو چوڻ آهي ته هڪ شخص رات جي وقت ڀت ٽپي گهر ۾ داخل ٿيو ۽ ٻاهران دروازو کوليو ته 8 کان 10 هٿياربند گهر ۾ داخل ٿيا ۽ مون کي گهر ڀاتين سميت ٻڌي ڪري ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو، ڪمري ۾ رکيل الماڙي جو دروازو به ٽوڙي ڇڏيو. پوليس موجب ڪرائم سين يونٽ واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪري ورتا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته شڪايت ڪندڙ حاجي حسين پيشي سان ڊرائيور آهي ۽ ڪجهه عرصو اڳ چوپايو مال خريد ڪري پئسا ڪمايا.