لاهور ( بيورو+م ڊ ) چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جي مقرري بابت پاڪستان بار جي ميمبرن چيف جسٽس قاضي فائزعيسيٰ کي خط لکي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري واري معاملي تي پاڪستان بار ڪائونسل جي 6 ميمبرن چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي خط لکي ڇڏيو. پاڪستان بارڪائونسل جي ميمبر شفقت محمود چوهاڻ سميت 6 ميمبرن طرفان چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکيو ويو آهي. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اميد آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري ۾ سينيارٽي جو اصول رکيو وڃي، الجهاد ٽرسٽ ڪيس ۾ ججن جي سينيارٽي جو اصول طئي ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ فيصلو تبديل نه ڪيو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته سينيئر ترين جج کي چيف جسٽس جي عهدي لاءِ اهل نه سمجهيو ويو ته ان جي جج جي حيثيت تي سوال اٿاريا ويندا. سڀ کان سينيئر جج لاءِ سينيارٽي جي اصول کان انڪار بغير ثبوتن جي نٿو ٿي سگهي.