ڪراچي ( رپورٽر ) ڪي اليڪٽرڪ رات دير سان بجلي جي لوڊشيڊنگ معمول تي آڻي ڇڏي، شهر ۾ 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، ڪراچي ۾ سخت گرمي دوران به ڪي اليڪٽرڪ طرفان ڪجهه علائقن ۾ 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.شهر ۾ رات 2 وڳي کانپوءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ معمول بڻجي وئي آهي. ڪراچي جي علائقي لياري، ڪياماڙي، سرجاڻي، بلديا ٽائون ۽ اورنگي ۾ 12 کان 14 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ، گذري، ڪورنگي، الله والا ٽائون، ريلوي ڪالوني، لانڍي ۽ لياقت آباد ۾ 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، وڏانهن ملير، ميمن ڳوٺ ، نارٿ ڪراچي، نارٿ ناظم آباد ۾ 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته قيوم آباد، شادمان ۽ سرجاني ۾ 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.ٻئي طرف ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته شهر ۾ بجلي جي فراهمي معمول موجب جاري آهي.