سکر بئراج تي ايمرجنسي برقرار، ٽرئفڪ مڪمل بند، نفري مقرر

سکر(رپورٽ:آزاد مهر) صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو رات دير سان ايم ڊي سيڊا، سيڪريٽري ايريگيشن ظريف کيڙو  ٻين سان گڏ پريس\ ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته رات جي وقت معلوم ٿيو ته 47  گيٽ ڊئميج ٿيو آهي، 44 ٽيڙو ٿي ويو آهي، 1982 ۾ 31 نمبر گيٽ نڪري ويو هو، انهي جي رپورٽ ڪڍي وئي آهي، ڊسمبر مهينو هو، ان ڪري آساني سان گيٽ لڳايو ويو، ان وقت طئه ٿيو هو ته سڀئي گيٽ تبديل ٿيندا، 2018 ۾ گيٽ نمبر 39 بينڊ ٿيو هو، ڇهن گيٽن جي مرمت لاءِ شپ يارڊ ڪمپني ڪراچي کي ٺيڪو ڏنو ويو، ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان بئراج جا سمورا گيٽ تبديل ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، پاڪستان شپ يارڊ ڪمپني کي جيئن ئي اطلاع مليو ته اهي هليا آيا آهن، اڄ تائين جو ٽائيم ڏنو ويو آهي، پهريون ڪم پاڻي ڊائون اسٽريم ڇوڙ ڪرڻ وارو ڪيو ويو، بئراج کي محفوظ ڪرڻ پهرين ترجيح آھي 1982 ۾ بند پيل گيٽن مان هڪ گيٽ ڪڍي لڳايو ويو هو، اسان پراڻي گيٽن طرف نه وينداسين، چائنيز ڪمپني سمورا گيٽ تبديل ڪري رهي آهي، اسان جي پهرين ترجيح ڪسان گيٽ لڳائڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.