اسلام آباد(تجزيو: امداد سومرو): اسلام آباد جي سياسي ۽ حڪومتي حلقن ۾چيف جسٽس قاضي فائز عيسى ۽ چيف آف آرمي اسٽاف عاصم منير جي ملازمت جي مدي ۾ توسيع جون سرگوشيون ھلندڙ آھن، چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسى آڪٽوبر 2024ع ۾ ريٽائر ٿيندو ۽ چيف آف آرمي اسٽاف نومبر 2025ع ۾ رٽائر ٿيندو. چيف جسٽس ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي ملازمت ۾ توسيع لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻ انتھائي اڻٽر آھي جنھن لاءِ حڪومت کي ٻھ ڀاڱين ٽي جي اڪثريت گھرجي جيڪا حڪومت وٽ نھ آھي، ھاڻي آئين ۾ اھڙي ترميم جو فيصلو مخصوص سيٽن متعلق سپريم ڪورٽ م داخل پٽيشن سان ئي واڳيل آھي تھ ان جو فيصلو ڪھڙو ٿئي ٿو. سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن متعلق داخل درخواست تي ڪجھھ ٻڌڻيون بھ ٿي چڪيون آھن ۽ ھاڻي اھا پٽيشن 24 ۽ 25 جون تي سپريم ڪورٽ جي فل بينچ ۾ ٻڌي ويندي، اھڙي صورتحال ۾ چيف جسٽس ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي ملازمتن جي مدي ۾ واڌ جو ڪوبھ امڪان نظر نھ ٿيو اچي.