دوشنبي(م ڊ)تاجڪستان ۾ سرڪاري طور تي حجاب تي پابندي مڙهي وئي آهي، ان حوالي سان پارليامينٽ بل به منظور ڪري ورتو آهي،ڀڃڪڙي تي ڳرا ڏنڊ مڙهيا ويندا، تاجڪستان ۾ 98 سيڪڙو آبادي مسلمان آهي، قانون تحت حجاب يا ٻيا منع ڪيل مذهبي لباس پائيندڙن تي 7920 سومونيس(تقريبن 700 آمريڪي ڊالر) تائين ڏنڊ پئجي سگهي ٿو،حڪومت پاران اهڙو قدم ملڪ کي سيڪيولر سڃاڻپ ڏيڻ جي غرض سان ڪيو ويو آهي،جڏهن ته عيد دوران ٻارن جي عيد خرچي وٺڻ تي به پابندي مڙهي وئي آهي،
-
قومي اسيمبلي ۾ اسد قيصر جي افغان اشو تي اسٽيبلشمينٽ کي وارننگ
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبر اسد قيصر تقرير ڪندي چيو آهي ته توهان کان افغان بارڊر جو اشو حل نٿو ٿئي ته اسان کي ڏيو اسان پاڻ افغانستان سان ڳالهائي اهو معاملو حل ڪرائي سگهون ٿا، عمران خان جي افغانستان ۾ وڏي سپورٽ آهي، افغانستان سان دشمني وارو رويو مذمت جوڳو آهي، اسان پنهنجي صوبي ۾ جنگ نٿا چاهيون، ڪنهن آپريشن جو سوچيو ته اسان پنهنجي عوام سان گڏ هونداسين، اسان کي قلم ۽ روزگار کپي، هن چيو ته اسان جي شرافت کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اسان ڪي چوڙيون ناهن پاتيون،هن چيو ته توهان بارڊر تي ايران ،چين ۽ افغانستان سان اقتصادي ڪوريڊور بڻايو،ون ڊاڪيومينٽ رجيم جي حمايت ڪريون ٿا،هن چيو ته 50 سالن تائين توهان اسان کي هٿيار ڏئي اسلام جي نالي تي ويڙهايو، اسان هاڻي علائقي ۾ جنگ ٿيڻ نه ڏينداسين،
-
آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ کان لکت ۾ جواب طلب
اسلام آباد(اسد طور) اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ پاران آزاد ڪمشير جي شھريءَ کي کنڀي گم ڪرڻ واري درخواست تي ڪارروائي، راولپنڊي اسلام آباد آزاد ڪمشير جي شھريءَ کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف سندس ڌيءَ پاران اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ بعد، جسٽس محسن اختر ڪيانيءَ پاران ايم آءِ ۽ آءِ ايس آءِ اسلام آباد، راولپنڊي ۽ آزاد ڪشمير جي سيڪٽر ڪمانڊرز کي لکت ۾ جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ چيو ويو آھي تھ ھو اھڙي درخواست جي جواب طور تي عدالت ۾ لکت ۾ جواب داخل ڪرائين تھ ھُنن آزاد ڪشمير جي شھريءَ کي کنڀي گم نھ ڪيو آھي ۽ ان جي گم ٿيڻ سان سندن جو ڪوبھ تعلق نھ آھي. عدالت جي اھڙي فيصلي مان ظاھر آھي تھ عدالتون ھاڻي ڪوبھ دٻاءَ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھن.