اسٽيبلشمينٽ جي پاليسيءَ ۾ عمران خان لاءِ لچڪ ناهي: سهيل وڙائچ

ڪراچي (م ڊ) سينيئر صحافي ۽ تجزيه نگار سهيل وڙائچ چيو آهي ته اسٽيبلشمنٽ جي موجوده پاليسي ۾ عمران خان لاءِ ڪابه لچڪ ناهي.  نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سهيل وڙائچ چيو ته موجوده حڪومت وٽ 9 مئي واري معاملي تي ڪو به اختيار ناهي. هن چيو ته محمود اچڪزئي جا نواز شريف ۽ آصف زرداري سان سٺا لاڳاپا آهن، محمود اچڪزئي اسٽيبلشمنٽ مخالف ۽ جمهوريت نواز سياست ڪندو رهيو آهي. جيڪڏهن عمران خان جون فوج سان ڳالهيون ٿيون ته پوءِ اهي ڳالهيون ڊيل نه هونديون، ملڪ ڪڏهن به ڊيل سان نه پر ڳالهين ۽ مفاهمت سان ٺيڪ ٿيندا آهن. سياسي پارٽين کي ڊيلن مان نڪري ڳالهين ڏانهن وڃڻ گهرجي، اهو ئي جمهوريت جو رستو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان هوڏ نه ڇڏيندو ۽ پنهنجو موجوده رويو برقرار رکندو ته ان لاءِ ڏکيائيون به برقرار رهنديون اسٽيبلشمنٽ جي موجوده پاليسي ۾ عمران خان لاءِ ڪا به لچڪ نظر نٿي اچي. پروگرام ۾ ڳالهائيندي سينيئر صحافي ۽ تجزيي نگار عاصمه شيرازي چيو ته مولانا فضل الرحمان جا حڪومت سان لاڳاپا آهن، هو في الحال ڪنهن به تحريڪ جو حصو ناهي، تحريڪ انصاف ووٽرن ۽ حامين جي حمايت کي اسٽريٽ پاور ۾ تبديل نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته 9 مئي کانپوءِ تحريڪ انصاف لاءِ عوام کي متحرڪ ڪرڻ آسان نه رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.