اسلام آباد(پرويز سنڌيلا) ناليواري تجزئي نگار محسن بيگ چيو آهي ته ٽي وي تي صبح جي شروعات وڪيلن جي ڳالهين ۽ ججن جي رمارڪس سان ٿئي ٿي، سڄو ڏينهن ناڪاري پروپيگنڊا ٿئي ٿي، هي ملڪ ڪيئن سڌرندو؟ ڪاروبار ناهي، سيڙپڪاري ڪيئن ايندي؟پاڪستاني سيڙپڪار ٻاهرين ملڪ وڃي رهيو آهي، صنعتون بند ٿي رهيون آهن،هي قوم پنهنجي پاڻ کي برباد ڪرڻ لاءِ آتي آهي،هن چيو ته پاڪستان ۾ زور آور لاءِ ڪو به قانون ناهي، قانون رڳو غريبن لاءِ آهي،جنهن کي پوليس به پڪڙيندي آهي،فوج به ڊيڄاريندي آهي،هن چيو ته عمران خان غيرملڪي ايجنٽ آهي، شعور نه هجڻ سبب ماڻهو هن جا هروڀرو ديوانا بڻيل آهن،هن چيو ته هن ملڪ ۾ هر شخص ٻئي کان خفا آهي، اسٽيبلشمينٽ به پاڻ تي ڪاوڙيل آهي، ان کي مرضي جا چونڊ نتيجا نه مليا،نوازشريف ججن ۽ ٻين ماڻهن کان ڪاوڙيل آهي، عمران به مينڊيٽ چوري تي ڪاوڙيل آهي، انهن سڀني کي راضي ڪير ڪندو؟ هڪ شخص آڏو پوري رياست بيوس بڻيل آهي، ڇا جنرلن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي خبر ناهي ته هي ملڪ تباهه ٿي رهيو آهي؟پي ٽي آءِ تي پابندي جي ڳالهه هاڻي وڌي وئي آهي، کدڙن کان مار ڪڍرائڻ به کل جوڳي آهي،هن ملڪ ۾ سرجري جي ضروري آهي.