اسلام آباد( تجزيو: معظم فخر) چين حڪومت پاڪستان کي ترقي ڪرڻ لاءِ ٽي مشورا ڏئي ڇڏيا، پاڪستان پاران چين جي مشورن تي سنجيدگيءَ سان ويچار ۽ عمل شروع، پاڪستان حڪومت جي وفد جي چين جي دوري بعد چين حڪومت پاڪستان کي اقتصادي شعبي ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ جيڪي ٽي مشورا ڏنا آھن انھن مان پھرين مشوري ۾ پاڪستان کي چيو ويو آھي تھ ملڪ ۾ موجود سياسي بي يقينيءَ واري صورتحال کي ختم ڪيو وڃي، ٻئي مشوري ۾ چيو ويو آھي تھ پاڪستان امن امان جي صورتحال کي بھتر بڻائي تھ جيئن ترقياتي منصوبن تي بھتر نموني ڪم ٿي سگھن جڏھن تھ ٽئين مشوري ۾ چيو ويو آھي تھ پاڪستان کي گھرجي تھ ملڪ اندر وڌ ۾ وڌ ڦھلجندڙ ڪوڙين خبرن کي روڪيو وڃي. چين حڪومت پنھنجي ٽئين مشوري ۾ ضمني طور تي پاڪستان اندر سوشل ميڊيا تي تحريڪ انصاف جي حڪومت، رياست ۽ اسٽبلشمينٽ مخالف پروپيگنڊا جو ذڪر ڪيو ويو آھي، چين پاڪستان کي مشورو ڏنو آھي اھو آھي تھ پاڪستان کي سوشل ميڊيا تي ڪوڙين خبرن کي روڪڻ لاءِ ضروري ۽ سخت اپاءِ ڪرڻ گھرجن. اسٽبلشمينٽ انھن سڀني پارٽين کي اجلاس ۾ شريڪ ڪري چين حڪومت کي اھو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تھ اسٽبلشمينٽ ۽ پاڪستان سرڪار چين جي ڏنل مشورن کي انتھائي سنجيدگيءَ جي نظر سان ڏسي ٿي ۽ انھن تي ھر صورت ۾ عمل ڪرڻ جا انتظام پڻ ڪري رھي آھي،