لکي ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان گهر تي حملو،ننڊ ستل 3 سڳا ڀائر مارجي ويا

لکي غلام شاهھ (رپورٽ:  نديم جان مهر )  لکي غلام شاھه لڳ ماڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪلر بروهي ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي گهر اندر داخل ٿي ڪري هٿيارن جا منهن کولي ڏنا جنهن دوران ننڊ پيل 3 سڳا ڀائر قتل ٿي ويا آهن قتل ٿيلن ۾ 35 سالن جو نصرﷲ بروهي. 40 سالن جو امان ﷲ بروهي. 45 سالن جو حبيب ﷲ ولد نور محمد بروھي شامل آھن جوابدار واقعي بعد خوشي مان فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، ٻي طرف واقعي جو ڳوٺاڻن حد جي ٿاڻي ماڙي کي اطلاع ڏنو، جيڪا 5 ڪلاڪن بعد واقعي واري هنڌ پهچي لاش هڪ ڊاٽسن تي کڻائي تعلقي اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا ٽنهي مقتول ڀائرن جا لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو علائقي ۾ سوڳ مچي ويو،  ٻڌايو پيو وڃي ته سڱاوتي تڪرار 15 سالن کان ھلندڙ آھي جن جا فيصلا به ٿيل آھن ان جي باوجود جوابدار ڌر ڏاڍ ڪري ننڊ ۾ ستلن مٿان فائرنگ ڪري سمورو گھر ويران ڪري ڇڏيو. ھڪڙي پيرسن امڙ بچي وئي جوابدار ڌر خوشي ۾ فائرنگ ڪندا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا علائقي ۾ واقعي کان پوءِ خوف ۽ حراس ڇائجي ويو آهي، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.