سوات: ساڙي ماريل شخص جو ڪيس داخل، وارثن جي لاتعلقي

سوات (م ڊ) سوات جي علائقي مدين ۾ ٿاڻي تي حملو ڪري قرآن پاڪ جي بيحرمتي جي الزام ۾ گرفتار شخص کي ساڙي قتل ڪرڻ واري  واقعي جي هڪ ڏينهن بعد ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. سوات جي علائقي مدين ۾ خميس جي رات هڪ ٿاڻي تي مڇريل ماڻهن حملو ڪري ڊي ايس پي آفيس ۽ گهٽ ۾ گهٽ 5 گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي. مڇريل ماڻهن جي تولي جوابدار کي پوليس جي حراست مان ڪڍي باهه ڏئي ڇڏي. سندس سڙيل لاش جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون. ساڙي ماريل شخص سيالڪوٽ جو رهواسي هو. هو 18 جون کان سوات وادي جي مدين ۾ هڪ هوٽل ۾ اڪيلو رهندو هو. ٻئي طرف مقتول جي ماءُ هڪ وڊيو بيان جاري ڪري کانئس لاتعلقيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته جوابدار جي زندگي جو وڏو حصو ملائيشيا ۾ گذريو هو، سندس والد 30 سال اڳ فوت ٿي ويو هو، هو ڏيڍ سال اڳ اسان سان وڙهي ڌار ٿي ويو هو. اسان جو هن سان ڪو به تعلق نه هو. هن پنهنجي زال کي به طلاق ڏئي ڇڏي هئي. هوڏانهن حڪومت جي ترجمان بئريسٽر محمد علي سيف بي بي سي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ڄاڻايل شخص کي پوليس حراست ۾ ورتو هو پر مڇريل ماڻهن پوليس اسٽيشن تي حملو ڪري کيس ٿاڻي مان ڪڍي باهه ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ واقعي جي وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ماڻهو هڪ سڙيل لاش جي چوڌاري گڏ ٿي مذهبي نعرا هڻي رهيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.