ملڪ کي سرجري جي ضرورت آهي،آءُ ڳالهين لاءِ تيار آهيان: عمران خان

راولپنڊي ( م ڊ ) راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ جي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران عدالت ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي سرجري جي ضرورت آهي ڇو ته پاڪستان هن وقت وڏي بحران مان گذري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي سڌارن جي ضرورت آهي ۽ اهي سڌارا عوامي مينڊيٽ سان حڪومت ئي ڪري سگهي ٿي.عمران خان چيو ته جيڪو ملڪ قرضن جي ادائيگي لاءِ قرض وٺي رهيو آهي، اهو ڪيئن اڳتي وڌي سگهي ٿو، بدقسمتي سان پاڪستاني عوام پاڪستان کان ٻاهر سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جو ماحول پيدا ڪرڻو هو، هنن هر شيءَ تي ٽيڪس لڳائي ڇڏيو آهي.  صحافي سوال ڪيو ته جيڪڏهن محمود خان اچڪزئي توهان جي طرفان حڪومت سان ڳالهيون ڪري ٿو ته ڇا توهان اهي ڳالهيون قبول ڪندا؟ عمران خان چيو ته محمود خان اچڪزئي جڏهن آفر آڻيندو ته ان تي سوچينداسين. عمران خان چيو ته ن ليگ سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪنداسين، سندن حڪومت ختم ٿي ويندي. پوري قوم هن وقت عدليه ڏانهن ڏسي رهي آهي. صحافي سوال ڪيو ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ڪو نمائندو مقرر ڪري ته ڇا اهي ڳالهيون ڪندا؟ جنهن جي جواب ۾ عمران خان چيو ته مان پاڪستان لاءِ ڳالهيون ڪرڻ چاهيان ٿو. مان اڳ ۾ ئي چئي چڪو آهيان ته جيڪڏهن منهنجي پٺتي هٽڻ سان ملڪ کي فائدو ٿئي ٿو ته مون کي راضي ڪريو، مان پٺتي هٽي ويندس. هن چيو ته علي امين گنڊاپور سان حڪومت معاهدو ڪيو ۽ پاڻ ئي ان معاهدي کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، هن چيو ته معاهدو حڪومت ٽوڙي آهي ۽ گاريون علي امين کي ڏنيون پيون وڃن. عمران خان چيو ته 22_22  ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، گرمي سبب ماڻهو مري رهيا آهن. 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو چئي ڪري وفاقي حڪومت 22 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.