ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ پاران سوشل ميڊيا جي گرفتار ڪيل ورڪرن جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،مظاهري کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر عارف علوي چيو ته اسان کي خبر آهي ته ميڊيا تي دٻاءُ آهي، سوشل ميڊيا نه هجي ته ڪا خبر ئي نه پوي،هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت ناهي، هتي نيون پارٽيون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي رهي آهي، جنهن وٽ پاور آف اٽارني آهي ان سان ڳالهيون ٿينديون، هن چيو ته اسان جو مينڊيٽ واپس ڪيو وڃي،عدالت ۽ قانون جي پاسداري ڪئي وڃي.