اسلام آباد (تجزيو: امداد سومرو): پنجاب ۾ پاور شيئرنگ جي حوالي سان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽيءَ وچ ۾ ٿيل معاھدي تي عمل نھ ٿيڻ بعد پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ۾ تيزي اچي رھي آھي، جنھن جي ڪري وزيراعظم شھباز شريف سخت تشويش جو شڪار آھي، جڏھن تھ پيپلز پارٽيءَ پاران مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کي وفاقي بجيٽ ۾ ووٽ نھ ڏيڻ واري پيپلز پارٽيءَ جي اشاري وزيراعظم شھباز شريف کي وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو آھي. ھوڏانھن پنجاب جي وزيراعلى مريم نواز پنجاب مان چونڊيل پيپلزپارٽيءَ جي صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن جي ڪنھن بھ مطالبي کي مڃڻ کان بھ انڪار ڪري ڇڏيو آھي. اھڙي ڇڪتاڻ واري صورتحال کي حل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم شھباز شريف مسلم ليگ (ن) جي ھڪ ڪميٽيءَ جي اڳواڻي ڪندي پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ ھڪ ڪميٽيءَ سان ملاقات پڻ ڪري چڪو آھي، جنھن بعد بھ صورتحال ۾ ڪابھ تبديلي نھ آئي آھي، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽيءَ وچ ۾ جاري اھڙي ڇڪتاڻ دوران ئي مسلم ليگ (ن) جي صوبائي حڪومت پاران ملتان ۾ ھڪ سرڪاري آفيسر جي بدلي ڪئي وئي آھي جيڪا رڳو ان بنياد تي ڪئي وئي آھي تھ ھو ملتان جي گيلاني خاندان کي ڪنھن حد تائين پروٽوڪول ڏيندو ھو، حڪومت ٺھڻ کان اڳ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽيءَ وچ ۾ پاور شيئرنگ جي حوالي سان جيڪي معاھدو ٿيو ھو ان ۾ پنجاب ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي سرڪاري طور تي ايڊجسٽ ڪرڻو ھو ۽ انھن جا مسئلا ۽ مطالبا پورا ڪرڻا ھيا، پر پنجاب جي پيپلز پارٽيءَ جي قيادت جو چوڻ آھي تھ مسلم ليگ (ن) جي وزيراعلى مريم نواز سرڪاري طور تي اھي حڪم جاري ڪري ڇڏيا آھن تھ پيپلز پارٽيءَ جي ميمبرن جو ڪوبھ ڪم نھ ڪرڻو آھي. اھڙي صورتحال ۾ ھاڻي جيڪا ٻنھي پارٽين جي ڪميٽين وچ ۾ ملاقات ٿيندي ان لاءِ پيپلز پارٽيءَ پنھنجي ڪميٽيءَ ۾ تبديلي ڪندي سينيٽ جي چيئرمين يوسف رضا گيلاني ۽ سندس پُٽَ علي حيدر گيلانيءَ کي شامل ڪيو آھي جيڪو پنجاب اسيمبليءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ جو پارلياماني اڳواڻ آھي، جڏھن تھ ان ڪميٽيءَ ۾ نديم افضل چن کي پڻ شامل ڪيو ويو آھي، جيڪو سخت گير موقف رکڻ جي حوالي سان مشھور آھي جنھن بعد اھو اندازو لڳائڻ مشڪل نھ آھي تھ ٻنھي پارٽين وچ ۾ صورتحال ڪيتري ڳنڀير ٿي چڪي آھي،ٻئي پاسي پ پ پنجاب جي اڳواڻ حسن مرتضيٰ چيو ته ن ليگ سمجهي ٿي ته پ پ بليڪ ميل ڪري رهي آهي ته سامهون اچي،اسان چئون ٿا ته پ پ سان ڪيل معاهدي جي پاسداري ڪئي وڃي،پ پ ڪو غيرآئيني مطالبو نه پئي ڪري،جڏهن ته پ پ ترجمان شازيا مري دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم شهبازشريف ۽ بلاول ڀٽو وچ ۾ ملاقات بي نتيجا رهي آهي.