ڪراچي: سنڌ اسيمبليءَ مان شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ قرارداد اتفاق راءِ سان منظور. نثار کهڙو قرارداد پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت جي چئمپين هئي جنهن پنهنجي همٿ، ويزن ۽ پاڪستان جي عوام سان وابستگيءَ سان نسلن کي متاثر ڪيو ۽ پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم طور هن ملڪ کي امن، ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن ڪيو. سندس قيادت ۾ تعليم، صحت جي شعبن ۾ بهتري آڻڻ ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ شامل آهي. اڄ سندس سالگرهه واري ڏينهن تي کيس ملڪ ۽ عوام لاءِ ڏنل قربانيءَ تي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اسين چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي قيادت ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي مشن کي جاري رکنداسين.