ڪراچي: وڏي وزير ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جا ايوان ۾ ٽهڪ، بجيٽ سيشن ۾ وزير ۽ ڪامورا حاضر، پي پي ايم اين اي آصفه ڀٽو زرداري جي بجيٽ تقرير ٻڌڻ لاءِ ايوان ۾ اچڻ جي پروگرام سبب اجلاس ۾ سمورا وزير ۽ سيڪريٽري حاضر رهيا، هڪ ڏينهن اڳ اڪثر وزير ايوان ۾ نه ويٺا ۽ ڪامورن جون ته سيٽون ئي خالي رهيون. جڏهن ته بجيٽ تي بحث دوران وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي پاڻ ۾ خوب ڪچهري ڪندا رهيا، پارلياماني معاملن وارو وزير ضياءَ الحسن لنجار به ڪچهري جو حصو ٿيندو رهيو، وقفي وقفي سان مراد علي شاهه، علي خورشيدي ۽ ضياءَ الحسن لنجار ۾ ٽهڪڙو به مچندو رهيو.بجيٽ اجلاس دوران شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري ڇانيل رهي، مهمان گئلري جي رونق بڻجي بجيٽ تي بحث ٻڌو ۽ ميمبرن سان ملندي رهي، مراد علي شاهه ۽ عذرا پيچوهو سميت ڪابينا جا سمورا ميمبر توڙي ايم پي ايز واري واري سان گورنر گئلري ۾ آصفه ڀٽو زرداري سان ملندا رهيا، جڏهن ته صوبائي وزير علي حسن زرداري هڪ ڀيرو ٺٽي ۽ سجاول جي چونڊيل نمائندن محمد علي ملڪاڻي، رياض شاهه شيرازي ۽ ٻين سان گڏ گئلري ۾ آصفه ڀٽو زرداري کي ڀليڪار ڪيو ۽ ٻيو ڀيرو واري ايم پي اي نادر اڪمل لغاري کي گڏ وٺي آيو ۽ آصفه ڀٽو زرداري سان ملرايو، جڏهن ته نادر اڪمل لغاري اڳ ۾ ئي آصفه سان ملي چڪو هو.