اسلام آباد(عمر چيما+عمران شفقت) عمران خان جي حق ۾ ”نڪ دا ڪوڪا“گانو ڳائي مشهوري ماڻيندڙ گلوڪار ملڪو جو سوفٽ ويئر اپ ڊيٽ ٿي ويو آهي، هن عمران خان جي حق ۾ گاني واري ڌُن ۾ ئي پاڪ فوج جي حمايت ۾ گانو ڳايو آهي، جيڪو اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي گهڻو وائرل آهي،ملڪو کي گانن جو بزنيس پي ٽي آءِ پاران سپورٽ ڪرڻ سبب ملي رهيو آهي، هن جو نالو اي سي ايل ۾ آهي ،لڳي ٿو ته هن رضاڪاراڻي طور تي پاڪ فوج جي حمايت ۾ اهو گانو نه ڳايو هوندو،هن تي دٻاءُ هوندو ،جنهن به هن کان اهو گانو ڳارايو آهي اها آئيڊيا سٺي ناهي،ان سان اسٽيبلشمينٽ جي عزت ۾ واڌ نه ٿيندي بلڪه اهو لڳندو ته اهي عمران خان جي نقل ڪري رهيا آهن،رياستي ادارا سدائين اهڙي انداز ۾ ڪارروائي ڪندا آهن، اها کل جوڳي ڪارروائي آهي، ان کان اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ گلوڪار ملڪو جو نالو پرونشل نيشنل آئيڊنٽي فڪيشن (پي اين آءِ ايل) مان ڪڍڻ لاءِ داخل درخواست جسٽس شمس محمود مرزا جي روبرو ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي،
جسٽس عابد عزيز شيخ گلوڪار ملڪو جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته هن جو نالو مارچ 2024ع ۾ پي اين آءِ ايل ۾ وڌو ويو،درخواست گذار کي ميوزڪ ڪنسرٽ لاءِ برطانيا وڃڻو هو