پاڪستان جي ترقي لاءِ اندريون استحڪام ضروري آهي،ادارا ۽ سياسي پارٽيون گڏ هلن : چين

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين سي پيڪ جي ٻئي مرحلي کي ڪامياب ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سي پيڪ ٻطرفن لاڳاپن جو اهم ٿنڀ آهي، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي، جڏهن ته سي پيڪ تي سموريون قومي پارٽيون هڪ پيج تي آهن. اسلام آباد ۾ پاڪ –  چين مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ آهي، سي پيڪ ذريعي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪئي وئي. سي پيڪ ذريعي پاڪستان ۾ روزگار ۽ ترقي جا موقعا موجود آهن. ان موقعي تي چيني وزير ليو جيان چاؤ خطاب ڪندي چيو ته گڏيل مشاورتي ميڪنزم اجلاس ڪوٺائڻ سٺو سنئوڻ آهي. چيني وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ معاهدن سان ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، پر ترقي لاءِ اندروني استحڪام ضروري آهي، سيڙپڪاري لاءِ سڪيورٽي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻو پوندو، واپارين کي بهتر سڪيورٽي سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ڪيا آهن، سي پيڪ پاڪستان جي ڏورانهن علائقن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي.  پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏ هوندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سياسي لاڳاپن سان سي پيڪ کي هٿي ملندي. سي پيڪ منصوبي سان غربت ۾ گهٽتائي، معاشي ترقي ۽ واپار ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته بدقسمتي سان سي پيڪ منصوبو ماضي ۾ غلط انفارميشن جو شڪار رهيو آهي. اسان کي محفوظ مستقبل لاءِ سي پيڪ منصوبي تي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته سياسي پارٽين جو هڪ ئي ميز تي ويهڻ ٻه طرفي سياسي قيادت جي هڪ پيج تي هجڻ جو ثبوت آهي. جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪ چين لاڳاپن تي پاڪستاني قوم ۾ اتفاق آهي. ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي غير مشروط حمايت تي چين جا ٿورائتا آهيون، اهڙي طرح پاڪستان تائيوان جي مسئلي تي به چين جي غير مشروط حمايت ڪئي. هن چيو ته اهڙي طرح علائقائي معاملن تي ٻنهي ملڪن جي رابطا تاريخ سان جڙيل آهن. اجلاس کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ حنا رباني کر چيو ته سي پيڪ لاءِ سموريون سياسي پارٽيون هڪ پيج تي آهن، عالمي منظرنامي ۾ پاڪستان ۽ چين جو اهم ڪردار آهي، چين سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ وڏي ترقي ڪئي آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر علي ظفر چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي اعتماد ۽ تعاون تي ٻڌل آهي، تاريخ ان دوستي جو ثبوت آهي، سي پيڪ ان دوستي جو ويزن آهي. هن چيو ته هن ملڪ جو بهترين اثاثو جغرافيائي آهي ۽ سي پيڪ ان اثاثن سان جڙيل آهي جنهن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اسان کي ڪامياب بڻائڻو آهي. هن چيو ته هن ملڪ کي دهشتگردي خلاف استحڪام جي ضرورت آهي، اسان کي سياسي استحڪام جي ضرورت آهي، اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ سي پيڪ جهڙن قومي مقصدن لاءِ اسان توهان جي ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريون ٿا ٻئي پاسي چيني وزير ليو جان چائو جي قيادت ۾ وفد وزيراعظم شهبازشريف سان ملاقات ڪئي،ان موقعي تي آرمي چيف جنرل عاصم منير،نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ٻيا به موجود هئا، چيني وزير اعلان ڪيو ته سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي تي عملدرآمد لاءِ مڪمل تيار آهيون،وزيراعظم شهبازشريف جو چين جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو آهي،چين پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان کي هڪ خاص مقام ڏنو آهي،چين پاڪستان جي اقتصادي ترقي لاءِ حمايت جاري رکندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.