اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) وفاقي حڪومت خساري ۾ هلندڙ پاڪستان اسٽيل ملز کي ختم ڪرڻ ۽ سنڌ کي ان جي زمين عام صنعتي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم شهبازشريف اهو معاملو اعليٰ سطحي اجلاس ۾ اٿاريو ۽ خساري ۾ هلندڙ ادارن کي مختلف مقصدن لاءِ استعمال ڪندي ان کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ،وفاقي حڪومت سنڌحڪومت سان گڏجي اسٽيل ملز جي زمين تي نئين اسٽيل ملز لڳائڻ تي به غور ڪري رهي آهي، انهن فيصلن کي ايس آءِ ايف سي جي حمايت حاصل آهي، شهبازشريف حڪومت صنعت ۽ پيداوار واري وزارت کي اسٽيل ملز جي بنياد تي هڪ نئين اسٽيل ملز جي قيام جي تجويز سميت هڪ منصوبو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، سنڌ سرڪار بيمار صنعتي يونٽ جي باقي بچيل 1683 ايڪڙ غيرتبديل ٿيل ايراضي جي ميوٽيشن کي يقيني بڻائي سگهي ٿي، حڪومت صنعت ۽ پيداوار وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته اها سٽيل ملز جي قبضي واري ايراضي جي ڪليئرنس يقيني بڻائي ۽ ان جو قبضو بحال ڪري،معاملي جي نگراني لاءِ هڪ ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويندو،صنعت ۽ پيداوار وزارت اسٽيل ملز جي پوري زمين تي ايڪسپورٽ پروموشن زون يا خصوصي اقتصادي زون جي قيام لاءِ هڪ جامع منصوبو پيش ڪندي،ايس آءِ ايف سي وزارت کي اها به هدايت ڪئي آهي ته سنڌ سرڪار جي سهڪار سان نئين اسٽيل ملز جي قيام لاءِ زمين مختص /ايئر مارڪ ڪري،ٻئي پاسي ذريعن موجب اسٽيل مل کي ڪٻاڙ سمجهي وڪرو ڪيو پيو وڃي،19 هزار ايڪڙ زمين آهي، اسٽيل مل کي پنهنجي جيٽي آهي، ريلوي لائن ذريعي سپر هاءِ وي سان ملي ٿي، سمنڊ کان مختلف پاسي ويندڙ ڪيترائي روڊَ ٺهيل آهن،165ميگا واٽ جو بجلي گهر ۽ 165 بسترن واري اسپتال به آهي،50 فائيو اسٽار گيسٽ هائوسز، اسڪولز، ڪاليجز به آهن.