حڪومت بجيٽ تي اعتماد ۾ وٺي ها، اميد ته وزيراعظم واعدا پورا ڪندو: بلاول

ڪراچي ( رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته هو پنهنجي والده جي خوابن جي تعبير تائين جدوجهد جاري رکندو. هن  چيو ته جن قوتن جو خيال هو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي قتل ڪرڻ سان پيپلز پارٽي ختم ٿي ويندي، اهي غلط ثابت ٿيون آهن . شهيد محترمه بينظير ڀٽو اڄ به ڳڙهي خدا بخش مان حڪومتون ٺاهي ۽ ڊاهي ٿي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 71 هين سالگرهه جي حوالي سان لياري ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته شهيد بي بي جو ڪراچي سان لاڳاپو بي مثال هو، جڏهن ته لياري وارا سندن لاڏلا هئا. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي زندگي جا ڏکيا ۽ سٺا ڏينهن ڪراچي جي عوام سان گڏ گذاريا. ”شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شادي جي تقريب هتي (لياري جي) ڪڪڙي گرائونڊ ۾ ٿي، منهنجو جنم به هتان کان ٿورو پري ليڊي ڊفرن اسپتال ۾ ٿيو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس خاندان جي ٽن نسلن هن شهر جي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. مان جڏهن کان سياست ۾ آيو آهيان، تڏهن کان هن شهر جي ترقيءَ لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو آهيان. هن چيو ته هن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته نگران حڪومت جي دور ۾ جيڪي مسئلا پيدا ٿيا اهي هاڻي سنڌ جي وڏي وزير ۽ سندس ٽيم جي ڏينهن رات محنت سبب حل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. پ پ چيئرمين ڪراچي جي آبادي ۾ مسلسل اضافو سبب پاڻي جي موجوده کوٽ کي ناڪافي قرار ڏيندي چيو ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت حب ڊيم مان پاڻي فراهم ڪرڻ جو منصوبو شروع ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ نوان فنڊ به مختص ڪيا ويندا، بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ڳالهائيندي هن چيو ته اهو سڄي ملڪ جو مسئلو آهي. سنڌ، بلوچستان، ڏکڻ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 16 کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته بجلي جي وفاقي ادارن تان عوام جو اعتماد گهٽ ٿيندو پيو وڃي،  هن چيو ته سنڌ حڪومت نئين مالي سال دوران هڪ نئون منصوبو شروع ڪرڻ واري آهي، جنهن تحت غريب خاندانن کي مفت سولر سسٽم فراهم ڪيو ويندو، جڏهن ته وچولي طبقي کي رعايتي قيمتن تي سولر پينل فراهم ڪيا ويندا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بيروزگاري کي ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو قرار ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت اهڙا منصوبا شروع ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن سان نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملندا. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو لاءِ اها مشهور هئي ته بينظير ڀٽو ايندي ۽ روزگار آڻيندي. هن چيو ته هن سنڌ جي قانون واري وزير کي هدايتون ڏنيون آهن ته سرڪاري نوڪرين تي عدالت جي اسٽي آرڊر کي رد ڪرڻ لاءِ قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.پ پ چيئرمين چيو ته حڪومت معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي پر اسان سمجهون ٿا ته بجيٽ ٺاهڻ کان اڳ حڪومت کي پيپلز پارٽي سميت سمورن اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ها. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو وفد اڃا تائين حڪمران پارٽي سان بجيٽ جي حوالي سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي. هن ڏکئي وقت ۾ اسان سڀني کي گڏجي ملڪ کي سنڀالڻو آهي. هن چيو ته مون کي وزيراعظم مان اميد آهي ته هو پنهنجا واعدا پورا ڪندو. اسان چاهيون ٿا ته نه رڳو بجيٽ منظور ڪئي وڃي پر ملڪ کي هن معاشي بحران مان به ڪڍيو وڃي.  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سياسي طور تي اهڙو بحران آهي جو نفرت جي سياست عروج تي آهي. اسلام آباد جا سياستدان هڪ ٻئي سان هٿ ملائڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن. هن سمورين سياسي پارٽين تي زور ڀريو ته هو عوام کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ڪن ته جيئن جمهوري نظام کي بهتر بڻائي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.