حڪومت پاران ستين اين ايف سي ايوارڊ ۾ واڌ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت ستين نيشنل فنانس ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب قومي مالياتي ڪميشن کي پهرين جولاءِ کان اڳ نئون ايوارڊ ڏيڻو آهي ۽  موجوده نيشنل فنانس ڪميشن جي ايوارڊ ۾ واڌ ڪرڻي آهي. ذريعن موجب نيشنل فنانس ڪميشن ايوارڊ 5 سالن لاءِ هوندو آهي، جيڪڏهن نئين ايوارڊ جو فيصلو نه ٿي سگهيو ته حڪومت موجوده نيشنل فنانس ڪميشن ايوارڊ ۾ واڌ ڪري سگهي ٿي. اين ايف سي ايوارڊ ۾ واڌ جو فيصلو صدر حڪومت جي سفارش تي ڪندو آهي. ذريعن موجب صوبن ۽ وفاق ۾ 2011ع کان ورڇ جوڳي پول مان وسيلن جي ورهاست ڪئي ويندي آهي، موجوده ايوارڊ ۾ وسيلن جي ورڇ 82 سيڪڙو آبادي ۽ 10.3 سيڪڙو غربت جي بنياد تي ڪئي وئي آهي، وسيلن جي ورهاست تي 5 سيڪڙو ۽ 2.7 سيڪڙو ايراضي جي بنياد تي وسيلن جي ورڇ جو فارمولو تيار ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ستين ايوارڊ تحت صوبن کي ورڇ جوڳي پوک جو 57.5 سيڪڙو ۽ مرڪز کي 32.5 سيڪڙو ملندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.