زخمي اُُٺ جو علاج جاري، گورنر شيلٽر هوم پهتو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري سانگهڙ  مان زخمي حالت ۾ علاج لاءِ آندل اُٺ کي ڏسڻ لاءِ شيلٽر هوم پهچي ويو. جنهن تي کيس سياسي اڳواڻن طرفان تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.شيلٽر هوم جي مئنيجر موجب اٺ جو انفيڪشن صحيح ٿي رهيو آهي، اُٺ جي ٽنگ تان سوڄ ڪجهه ختم ٿي آهي اڄ ان کي ٻيهر ملم پٽي ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته انسانن جي موجودگي اُٺ کي پريشان ڪندي آهي شيلٽر هوم ۾ موجود ٻيا جانور به انسانن جي هجوم سبب پريشان ٿيندا آهن.ٻئي طرف زخمي اٺ جي عيادت لاءِ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري به اينيمل شيٽر هوم پهچي ويو. جتي هن صحافين سان ڳالهين ڪندي چيو ته اُٺ جي زخمي ٿيڻ جو واقعو بداشت جوڳو نه آهي. اُٺ کي اسان جي مذهب ۾ خاص مقام حاصل آهي. اُٺ جي قتل تي الله هڪ قوم تي عذاب نازل ڪيو هو.هن وڌيڪ چيو ته اهڙن واقعن تي ڪنهن کي به سياست نه ڪرڻ گهرجي، بي زبان جانورن سان زيادتي ڪئي وئي اڄ اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون پر آواز ته اٿاري سگهون ٿا

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.